سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڏٽا، زَٽ ۽ ويچارو عوام


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/09/2018


هڪڙا هوندا آهن ڪوڙ، جن تي ڪابه ڍل نه لڳندي آهي، البته ڪوڙ هڻڻ وارو ٻڌڻ واري جي مٿي ۾ لڳي ويندو آهي ۽ اوڳاڙي ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو آهي. ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن، جو ڪٿي وڃي کُپن. انهيءَ ڪري ڪوڙ ڌوڙ وانگر پيو اُڏامندو آهي ۽ ايندي ويندي جو منهن مٿو هڪ ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ ڀلي پيو ست ڏينهن وهنجي ۽ ڌوڙ کُرڙي. سواءِ مٿو ميرو ڪرڻ جي باقي ڪوڙ ٻيو ڪو ايترو نقصان نه پهچائيندو آهي، رڳو پنهنجو وات مِٺو ڪندو آهي. ڪوڙ خالص غير سرڪاري ادارو آهي، جنهن کي سرڪار ڪن ڏيئي ٻڌندي آهي ۽ پير سرڪندا ويندا اُٿس. جيڪا سرڪار ڪوڙن تي لڳي، تنهن جو سر ويو. اکين سان ويٺا ڏسون ٻيو ڇا. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت ناهي. ڪامورن جو ڪوڙ وزيرن جا پير ڪڍندو ويندو آهي، وزيرن جو ڪوڙ وڏي جا پير ڪڍندو ويندو آهي. سياسي ورڪر جو ڪوڙ ليڊر جو سر پٽي ڇڏيندو آهي. ڪوڙ جي هوا وانگر ڪا به شِڪل ڪونه هوندي آهي، پوءِ به شڪل وارن جون کنڌيون کڻندو ويندو آهي. ٻيا ٿيندا آهن زٽَ. ڪوڙ ڦوڪجي ڦوڪجي زٽ جي شڪل اختيار ڪندو آهي، ائين پُٽ پيءُ کان وڏو هوندو آهي. پيءُ سوا سير، پٽ نون مڻن جو تيل. ويچاري راڌا نچي ته ڪيئن نچي. ڪوڙ گوهي ڏيئي لومڙيءَ وارو پُڇ ڏيکاري هليو ويندو آهي، پر زٽ پڌري پٽ موجود هوندو آهي، تنهن ڪري سرڪار کان سواءِ ٻيو هر ڪو کيس سمجهي ويندو آهي، باقي سرڪار جو زٽ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو آهي. سرڪار جيڏو زٽ هڻندي آهي، اوترو ئي کٽيو کائيندي ويندي آهي. پر زٽ جيئن ته زور سان هڻبو آهي، تنهن ڪري سرڪار جي پير پٽجڻ ۾ به دير ڪانه لڳندي آهي ۽ اونڌي منهن وڃي ڪرندي آهي، ڪپڙا ڇنڊڻ کان به لاچار هوندي آهي. وقت نه مِٽ ڪنهن جو، سرڪار رمتي ڀلي.

ٽيون هوندو آهي ترڪتال. عورتن ويچارين تي اجايو الزام آهي ته اُهي ترڪتالڻيون آهن. وڏو ترڪتالي ته مرد هوندو آهي، جيڪو ترڪتال ڪري اکين جي وچ مان نڪ ڪڍي ويندو آهي ۽ سمڪ پوڻ ڪونه ڏيندو آهي. جي پنهنجي ملڪ کي اک مان ڪڍبو ته ترڪتال گهڻو ڪري واپاري ڪندا آهن ۽ خلقت جا کيسا خالي ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ به رڙيون پيا ڪندا آهن ته مارڪيٽ ۾ مندي آهي. واپاري ٻنيءَ ٻاري واري کان ٽڪي ۾ جنس وٺندو آهي ۽ پوءِ ساڳئي شئي سوَن جي ملهه ۾ واپس ٻنيءَ ٻاري واري جي منهن ۾ هڻندو آهي. ڌاڙيل سر تان آسرو پلي ۽ ميلن جا ميل جهنگ ۾ ڀڄندي ايترو ڪجهه مال پاڻي هڻي نه سگهندو آهي، جيترو مال پاڻي واپاري گهر ويٺي آرام سان هڻي ويندو آهي. ترڪتال جو هٿيار اسرائيل جي ٺاهيل آئوزي 9MM گن کان به وڌيڪ پاور وارو هوندو آهي. زبان جي گولي اسٽنگر ميزائيل کان به وڌيڪ بُڻ پٽڻ واري هوندي آهي. ڌاڙيل جهلجهي به پوندو آهي ۽ مارجي به ويندو آهي، پر واپاريءَ جو ترڪتال نه جهلبو آهي ۽ نه ماريو ويندو آهي. ترڪتال ماڻهن جا گهر سُڃا ڪري ڇڏيا، پوءِ به مارڪيٽ ۾ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. مجال آهي جو ڪو  نالو وٺيس. جي حڪومت کيس ٻک وجهي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري ته واپاريءَ جو ترڪتال کيس مٽي چٽائي وجهي ۽ کير جون تريون هڻوس پوءِ به هوش ۾ نه اچي، انهيءَ ڪري حڪومت واپارين جي ايجنٽ کان ڊڄي پنهنجي پير تي پاڻهي ڪهاڙو هڻندي رهندي آهي ۽ پوءِ ٻئي ٽنگون وڃائي ويهي رهندي آهي. انهيءَ ڪري لاچار ٿي حڪومت پنهنجي ووٽرن جا کنڌا کڻندي آهي ۽ واپارين سان سُنمک ٿي حڪومت جا ڪارندا به خلقت جو پيٽ خالي ڪري پنهنجا گهر ڀريندا ويندا آهن. خلقت ڀلي وڃي ڊهڙ ۾ پوي ته اُڪي وڃي پوي، مسڪينان مار حڪومت جي ڏائي هٿ جو کيل آهي.

پر جي پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ٻيءَ دنيا تي نظر ٿا وجهون ته سُپر پاور ملڪ غريب ملڪن جي غريب ماڻهن سان ترڪتال ڪري، غريب مُلڪن کي ڀينگيو ڪري ڇڏيندا آهن. وٽن اهڙا ڪيئن ترڪتال آهن. سپر پاور وارا بظاهر همدردي ڏيکاريندا آهن، پر اندروئي اندر کاٽ هڻندا آهن ۽ اُڏوهيءَ وانگر غريب ملڪن کي چَٽي ويندا آهن. بظاهر مالي امداد ڪندا آهن، پر ڳجهه ئي ڳجهه ۾ غريب ماڻهن ۽ غريب ملڪن کي هٿ ۾ ڪشتو ڏيئي پنڻ پريءَ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پينن جي گهل پئدا ڪندا ويندا آهن ته جيئن ڪو ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهي ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾، پنهنجي ئي ملڪ وانگيان مجبورين جو عادي ٿي وڃي. ارون ڌتي راءِ جي خيال موجب، بلڪه تحقيق مطابق: ڪو نئون شهر ٺاهڻ جي رٿا هٿ ۾ کڻي يا ڪو نئون ڊيم ٺاهڻ جي رٿا جو ڪم هٿ ۾ کڻي يا ماحوليات جو ترڪتال ڪري ٻيون رٿائون هٿ ۾ کڻي پئسو پاڻيءَ وانگر وهائيندا آهن ۽ اسان انهيءَ ۾ خوش هوندا آهيون ته ويچارا اِهي ولايتي ماڻهو پنهنجو پيٽ ڪاٽي پنهنجي وات جو گرهه اسان جي حوالي پيا ڪن ۽ کين شاباس هجي. پر حقيقت اها آهي ته اُهي جيڪي پئسا خرچ ڪيا ويندا آهن، انهن جو 70 سيڪڙو پئسا سندن ئي ملڪن مان آيل ڪنسلٽنٽ عرف ماهرين مهربانن جي کيسي ۾ هليا ويندا آهن، باقي ٽيهه سيڪڙو اسان جي نصيب ۾ ايندو آهي. پر سندن ڳاڙهي بندي ايڏي ڊگهي آهي، جو انهن بچيل پئسن تي ”انڍن جا منڍ“ چاڙهي اسان کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيندا آهن ته جيئن ساهه به پٽي نه سگهون ۽ هليا وڃون سير ۾. سهڻي جي سير وچ ۾ مُئي ته عشق وگهي مئي، پر اسان ماڻهو بنا ڪنهن سبب جي وچ سير ۾ وڃي پيا آهيون. حڪومت جو ته مڙيئي خير آهي، جو کين پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو فڪر گهٽ آهي ۽ پنهنجي حڪمرانيءَ جو فڪر وڌيڪ آهي. دبئي ڏيئي وٺي ڪلاڪ کن جو سفر آهي، سو ته وڃي اُتان نڪرندا ۽ موجون ماڻيندا. نيري رنگ جو پاسپورٽ ڪم ڏيکاري ويندو ۽ کين ڪا جهل پل نه هوندي، پر مُٺي ته ويچاري خلقت، جنهن وٽ ته سائي رنگ جو به پاسپورٽ ناهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڏتڙجي رهي ويندا. ووٽ خلقت جو، محنت مزدوري خلقت جي، سوچ ويچار خلقت جا، ٻُوهي ۾ خلقت ويندي، مزا ۽ موج ميلا حاڪمن جا. پاور نه هوندو ته پئسو ته هوندو، پئسو خود پاور آهي. ترڪتال هٿين خالي وڃڻ ڪونه ڏيندو، پُٺي ٺپري موڪليندو.

چوٿان ٿيندا آهن آسرن تي ٻڌل ڏٽا، جيڪو حاڪمن جو خاص پيشو هوندو آهي. پئسا خرچ ڪونه ٿا ٿين، رڳو زبان خرچ ٿئي ٿي. ڪوڙ هڻن وارو ڍل نه ڏيندو آهي، پر ڏٽا ڏيڻ وارو مورڳو ڍل وصول ڪندو آهي. ڏٽي ڏيڻ واري وٽ پنهنجو عقل ڪونه هوندو آهي، انهيءَ ڪري هن ملڪ جي سپر اسٽور مان عقل خريد ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ عقل به هڪ آئٽم بڻجي چڪو آهي، عقل جون به جنسون ٿينديون آهن، مثلا: ٿرڊ ريٽ عقل، سيڪنڊ ريٽ عقل ۽ فرسٽ ريٽ عقل. جهڙو مُلهه، تهڙو مهانڊو. سپر اسٽور وارا گدڙ کي اندر گهڙڻ ئي ڪونه ڏين، جو گدڙ سنڌ کائي وڃي ۽ حاڪم هٿ مهٽيندا رهجي وڃن. گدڙ جي ڪا جاءِ آهي جو حاڪمن آڏو اچي! جنهن زماني ۾ اڃا سُپر اسٽور ڪونه هئا، انهيءَ زماني ۾ لڪڙ تار جي ذريعي اهي افواهه هلايا ويندا هئا ته مُلڪ ۾ کير جون نديون پيون وهن، اڪ ماکيءَ سان ڀريا پيا آهن ۽ سم ڪلر وارن پوٺن ۾ سون جا خزانا پوريا پيا آهن پر لڪڙ تار وارو زمانو لڏي ويو. هاڻي انهيءَ لڪڙ تار جي جاءِ ميڊيا ورتي آهي يا ائين کڻي چئون ته اهو ٺيڪو ٽي وي ميڊيا وارن وڏو واڪ ڏيئي کنيو آهي. نتيجي ۾ حڪومت وارن سپر اسٽورن مان پبلڪ رليشنس وارن جي گهل خريد ڪري ورتي آهي، جيڪي سرڪار پاران ڏند چڪ ڪندا آهن. پر عقل خريد ڪرڻ لاءِ به عقل ٿو کپي. جي عقل سير سفر تي نڪري ويو هوندو ۽ خريدار پنهنجي ڪرسيءَ ۾ ٻئي هٿ وجهيو ويٺو هوندو ته پوءِ عقل ڪي ٻيا وڃي خريد ڪندا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ عقل جي جنس جي کوٽ آهي، خاص ڪري سياسي سيڪٽر ۾. هيستائين حڪومت جيڪي به عاقل بالغ ۽ وات وڪيل همراهه ”سپر اسٽور“ کان خريد ڪيا آهن، انهن تي ٽئگ ته ”فرسٽ ريٽ عقل“ جو لڳل هو، پر هاڻي جڏهن کين ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو وڃي ٿو يا اخباري بيانن جي صورت ۾ نظر مان ڪڍيو وڃي ٿو ته خبر ٿي پوي ته جنهن تي ”فرسٽ ريٽ“ جو ٺپو لڳل هو، اصل ۾ اهو ”ٿرڊ ريٽ عقل“ وارو همراهه آهي ۽ هٿوراڙيون ڏيڻ ۾ پورو آهي، مڙيئي ٿيو پگهار کڙو ڪرڻو. ملڪ ۾ ٺڳي وڌي ويئي آهي ۽ وڏا وڏا خريدار خلقت کي ڌڪ پٽڻ جي بدران پاڻ ڌڪ کايو وڃن. ميڪ اپ ۾ ڏس ته سج ڌڄ، بنا ميڪ اپ جي ڏس ته جهڙي ڪر ڏائڻ. عقل سان گڏ شڪل به ويل هوندي آهي.

پبلڪ کي ڏٽو ڏيڻ لاءِ ڳالهه کي ويڙهي سيڙهي وٽ سَٽ وجهي هٿن مان طوطا غائب ڪري پوءِ ڏٽي جي سٽ ڏبي آهي ۽ خلقت کي انڌو ڪيو آهي ته جيئن پبلڪ دم دلاسن جي پويان لڳي رهي ۽ ٻيا پنج سال به پورا ٿي وڃن. پر خريد ڪيل همراهن کي سولو ڏٽو به هڻڻ نٿو اچي. کانئن پُڇ هڪڙي ڳالهه ته جواب وري ٻيو پيو ملندو. کانئن پڇ ته، ”سائين وڏا اوهان جو پُٽ ڪيئن آهي؟“ ته جواب ملندو، ”ڏاڏو سائين ڀلو ماڻهو هو.“ وري به ساڳيو سوال پُڇ ته جواب ملندو، ”بابو وڏي عقل وارو ماڻهو هو.“ هئڻ ته اهو کپي ته، حال ماضيءَ کي کائي وڃي، پر هت ماضي حال کي کائيو بيٺو آهي. عقل جي ڪا مار پيل ٿي ڏسجي. پُڇ ته، ”بابا سائين، ذوالفقار آباد ڇو ٿا ٺاهيو؟“ جواب ملندو ته، ”سنڌي ماڻهو ٻار گهڻا ٿا ڄڻين.“ ڏيو منهن، پَٽيو پنهنجا وار. پڇونِ ته، ”ڪوهستان جي ڇو ٿا ڀينگ ڪريو؟“ جواب ملندو ته، ”پٽ خالي پيو آهي، سو آباد ٿا ڪريون.“ قومي ميڊيا جا به ڳچ عاقل زرخريد آهن يا پلاٽ خريد آهن. انهن جا به حال هيڻا ٿا ڏسجن ۽ سور ٻيڻا. سرڪار  جي وڪالت جي في ته ڳري آهي، پر هر ڀيري سڄو ڪيس وڃيو پاڻيءَ ۾ ڪري. ميڊيا جا ماڻهو ٻئي ڪُلها وهندا آهن، هڪڙو ڪلهو حڪومت جي حوالي، ٻيو ڪُلهو مخالف ڌر جي حوالي. ماڻهن جي سامهون پِٽڪو به ڪرڻو آهي ۽ ڪنڊ پاسو جهلي روئڻو به آهي. زرخريد ڏٽائين جي کِٿل آهي. ڏِگري لٿل آهي. سندن عقل رُڃ جي پويان ڊوڙندو آهي ته من پاڻي هٿ اچي، پر پاڻيءَ جي بدران رڻ پٽ نظر ايندو آهي. وٽن سَهي جون ٽنگون ٽي هونديون آهن، چوٿين ٿئي ڪونه. ڏٽا رومال ۾ ويڙهي هڻبا آهن، پر اسان جو سرڪاري ڏٽو اسٽرپ ٽيز آهي ۽ لڏو لٺ تي هوندو آهي. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته ڏٽو اهڙو هڻو، جيڪو ”To Make Believe it“ هجي يا سولي سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته ڏٽو اهڙو هڻو، جيڪو اعتبار جوڳو هجي. بس بابا بجلي اجهو ٿي اچي، ميان امن امان خان پنڌ ۾ آهي، ڪرپشن ٽپڙ ويڙهي رواني ٿي چُڪي آهي، اجهو ٿو خزانو ڀرجيو ڀرجيو ڦاٽي، اِجهو ٿي ميرٽ ڪائونٽ ٿئي، اجهو ٿي بک بيماري، بي وسي ۽ بي انصافي ماڪ وانگر اُڏامي، اجهو ٿا ٻار پڙهيو عقل جا وير ٿين ۽ کير ٿا پيئن. اجهو ٿيون درياهن، واهن ۽ شاخن جون ٻنڌيون رُڪ سان ٻڌجن. اهڙن ڏٽن تي ڀلا ڪير اعتبار ڪندو! هر ڪنهن کي ٻه اکيون، ٻه ڪن  هڪ عدد دماغ آهن، هر ڪو سمجهي ٿو ته انهن ڏٽن ۾ ڇا رکيل آهي. حالت هر ڪنهن کي سُڌي پيئي آهي. معاملو رڳو ايترو آهي ته جنهن ملڪ ۾ ڪو به سسٽم نه هوندو آهي، اُتي اتفاقات جنم وٺندا آهن، انهن اتفاقات کي اسان قسمت چوندا آهيون. هاڻي اِها قسمت ڄاڻي ته خلقت ڄاڻي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter