سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌ ۾ جهڪي ٿي ويل جوڊيشل ايڪٽوازم نثار کوکر


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/10/2018

ان ڏينهن اتفاق سان منهنجو ايس ايس پي هائوس خيرپور وڃڻ ٿيو ته نوي واري ڏهاڪي جا اهي سمورا ڏينهن ياد اچي ويا جيڪي اسانکي سنڌ ۾ پاڻمرادو پوليس ايڪٽوازم جا ڏينهن لڳن ٿا.انهن نوي واري سالن دوران جيئن ته منهنجو نوڪري سانگي سکر ۽ خيرپور ۾ ترسڻ گهڻو ٿيندو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾  ان ئي هائوس تي انهن سمورن پوليس آفيسرن سان ملاقات ٿي جيڪي سڌي يا اڻسڌي طرح ان دور جي پوليس ايڪٽوازم جو حصو هوندا هئا ۽ اسان پرنٽ ميڊيا ۾ ان وقت اهو سمجهي سندن اخلاقي مدد ڪندا هئاسين ته اهي شايد سنڌ ۾ صدين کان قائم ڀوتارڪي بدبودار نظام ۾ ڪي ڏار وجهي سگهندا.ان دور ۾ اڪثر ايس ايس پي سطح جا  پوليس عملدار حد جي ڪنهن نه ڪنهن وڏيري ڀوتار سان تڪرار بعد بدلي ٿيندا هئا ۽ عوام سندن بدلين خلاف روڊن تي نڪري  ايندو هو يا وري شهرن ۾ هڙتالون ڪندا هئا. شديد اختلافن جي باوجود انهن پوليس عملدارن ان دور ۾ ڪڏهن به هاڻوڪن پوليس عملدارن جيان هاف فرائي يا فل فرائي پاليسي نه اپنائي.انهن ڪنهن به وڏيري ڀوتار کي هاف فرائي يا  فل فرائي نه ڪرايو پر کين مختلف بهانن سان تنگ ضرور ڪندا هئا ۽ انهن ڀوتارن جي بيوسي تي  پاڻ ۾ خوش ٿي کلندا هئا. انهن ۾ ڪي اهڙا به  شرارتي ايس ايس پي به هوندا هئا جيڪي پنهنجي حد نه هوندي به سکر يا شڪارپور ۾  پنجاب کان بدلي ٿي  آيل ايس ايس پي کي مشورو ڏيندا هئا ته فلاڻي ايم پي اي جي هڪ سنگتياڻي روهڙي ۾ رهي ٿي ان کي حراست ۾ وٺندين ته اهو وڏيرو ايم پي اي پاڻمرادو پيش ٿي اغوا ٿيل ماڻهون بنا ڀنگ جي موٽرائي ڏيندو.ان دور جا اهي سمورا پوليس ڪردار  هاڻي ته مختلف جاين تي  سينيئر پوسٽن تي براجمان آهن پر وقت گذرڻ سان گڏ کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته وڏيرو يا ڀوتار سنڌي سماج جي پاڙن تائين پهتل وڻ آهي جنهنکي شرارتي ٻارن جي لوڏن سان هلڪا جهٽڪا ته اچي سگهن ٿا پر ان وڻ جون پاڙون  ڪا طوفاني هوا ئي اکيڙي سگهي ٿي  باقي سنڌي سماج ۾ دبنگ پوليس آفيسري ذريعي ويجهر ۾ ڪو به انقلاب ته ڪونه ايندو پر وقت گذارو ضرور ٿيندو.تنهنڪري هو به پنهنجي پيٽرول سي اين جي ۽ ٻين ڌنڌن داڙين سان لڳي پنهنجي ٻچن کي آرام جي زندگي ڏئي رهيا آهن.
مونکي خبر ناهي ته دادو جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج اشوڪ ڪمار ڏوڏيجا کي به نوي واري ڏهاڪي جي نوجوان ايس ايس پيز جيان پنهنجي ڪرسي معرفت سنڌ ۾ ڪنهن سماجي انقلاب آڻڻ جو خبط هيو الائي نه ڇو ته منهنجي ساڻس ڪابه ملاقات يا فون تي ڳالهه ٻولهه ناهي  پر سندس ڪرسي تي ويهي ڪيل عمل ڏسي اهو سنڌي پهاڪو ياد ايندو هو ته درياهه ڪناري ڇوڪر ڪڏي..اڄ نه ٻڏي ته سڀان ضرور ٻڏي....جج اشوڪ ڪمار جي جوڊيشل ايڪٽوازم بهتر هئي پر جڏهن سندس قلم اچي ڊاڪٽرن ۽ استادن مٿان ڪڙڪيو ۽ انهن مٿان دهشتگردي جا قلم لڳايائين ته مونکي خيال آيو ته کيس نياپو ڪرايان ته خدارا ڇا به ٿي پوي استاد ۽ ڊاڪٽر دهشتگردي نٿا ڪري سگهن.سماج جي انهن ڪردارن مٿان اهڙا قلم هڻي توهان پنهنجي ساک خراب ڪري رهيا آهيو پر منهنجي ڪنهن نياپي کان اڳ ئي کيس وڏن ڀائرن جو اهڙو سڏ ٿيو جو جج صاحب وري ظاهر ئي  نه ٿيو آهي.مختصر  آرڊر تحت هڪ ڏينهن اندر سندس بدلي اهڙي تڪڙي ٿي جو سندس جاء تي ٻيو جج به مقرر نه ڪيو ويو.کانئس سرڪاري رهائش گاهه انهن ڏينهن ۾ خالي ڪرائي وئي جڏهن سندس ٻارڙن جا امتحان هلي رهيا هئا ۽ هو دادو ۾ ئي ڪنهن مجبوري وچان ٻي جڳهه ۾ شفت ٿي ويو.سندس بدلي کي هاڻي ٻيو مهينو اچي ٿيو آهي پر کيس هيڊ آفيس ۾ بنا پوسٽنگ جي ائين ويهاريو ويو آهي جيئن ڪنهن پوليس آفيسر کي سزا طور ڪا به پوسٽنگ نه ڏئي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي بڻايو ويندو آهي.جج اشوڪ ڪمار جي اهڙي تڪڙي بدلي خلاف دادو جي ماڻهن هڙتال نه ڪئي هئي نه ئي ڪنهن شهري اتحاد احتجاج ڪيو هو ڇو ته اسان جي فيوڊل سماج ۾ ماڻهون صرف پوليس عملدارن کي ئي مائي باپ سرڪاري آفيسر سمجهندا آهن.پر دادو وارن کي شايد ياد هجي ته اهو جج اشوڪ ڪمار ڏوڏيجا ئي هيو جنهن سول اسپتال کي فعال بڻايو ۽ اسپتال جون مشينون خراب هجڻ جي صورت ۾ هن اسپتال اندر ئي تڪ جي ايم اين اي کي هڪ دفعي مختصر ڪال تي اسپتال اندر ئي سڏايو به  هو.ان ئي ايم اين اي جي ڀرتي ڪيل سفيد پوش خاڪروبن کان هن گٽر صاف ڪرايا ۽ اها وڊيو سوشل ميڊيا تي ايتري ته وائرل ٿي  شيئر ٿي جو ايم اين اي کي پنهنجي ترجمان معرفت وضاحت ڪرڻي پئي ته اهو خاڪروب ايم اين اي جو ڀاڻج ناهي. جج اشوڪ ڪمار جي دادو ۾ اها پهرين پوسٽنگ هئي پر هن جو ڪم سنڌ جي سڀني سيشن ججز کان نمايان نظر ايندو هو.سندس ڪم کي ڏسي سندس ساٿي جج چوندا هئا ته اشوڪ کي ته گل محمد شاه ٽرسٽ جا فنڊز هٿ لڳا آهن جن مان وتي ٿو دوائون ۽ ٻيا سامان ورها.ئيندو اسان ڪٿان آڻيون.  دادو جي هڪ سخي مرد  وڪيل گل محمد شاه جي ٽرسٽ واري ڪهاڻي به ان ئي جج اشوڪ ڪمار جي معرفت سامهون آئي ته ماضي ۾  دادو جي هڪ بزرگ گل محمد شاه پنهنجي ملڪيت جي هڪ وڏي حصي کي ان ٽرسٽ حوالي ڪري ڇڏيو هو جنهن جو صدر  وقت جي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج کي مقرر ڪيو ويو  هو. وقت گذرڻ سان گڏ ان ٽرسٽ جي ملڪيتن مٿان مقامي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ورتا هئا پر ان جج اشوڪ اچي ان وقت جي ايس ايس پي شبير سيٺار معرفت  اهي سالن جا قبضا ختم ڪرايا ۽ ٽرسٽ جا انتظام پاڻ سنڀاليا.ان ٽرسٽ جي پئسن مان ئي هو ڪڏهن دادو اسپتال جي مريضن کي دوا وٺي ڏيندو هيو ته ڪڏهن جوهي ۾ وڃي آراو پلانٽ لڳرائيندو هيو.جج اشوڪ ڪمار جي ناماچاري ۾ جڏهن اضافو ٿيو ته هن ۾  شايد غرور به اچي ويو ۽ هن سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي اباڻي ڳوٺ ميهڙ ۾ وڃي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتان جي ايم ايس ڊاڪٽر مٿان دهشتگردي جا قلم هنيا.ائين ئي هن جوهي جي ٻن استادن مٿان پڻ اسڪول دير سان اچڻ يا نه اچڻ سبب مٿن دهشتگردي جا ڪيس هڻي کين جيل موڪلي ڇڏيو..جج اشوڪ ڪمار جي اهڙي تڪڙ ڏسي مونکي دل ۾ خدشو پئدا ٿيو ته هي جج صاحب هاڻي ڪو گهڻو وقت دادو ۾  شايد نه رهندو ۽ ٿيو به ائين کيس غيرسمي انداز ۾ بي توقير ڪري بدلي ڪيو ويو ۽ اڃان تائين پنهنجي ڪيل توڙي اڻ ڪيل گناهن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.سندس کاتي جي   وڏن ڀائرن کيس سبق سيکارڻ جو سوچيو آهي ته کيس اندازو ٿئي ته سنڌي سماج جي زنگجي ويل سسٽم سان گڏجي ڪيئن هلبو آهي.
سنڌ ۾ ان ئي جوڊيشل ايڪٽوازم دوران قمبرشهدادڪوٽ جي هڪ جج صاحب مقامي گرلز ڪاليج جو دورو ڪيو ۽ اتان جي هڪ خاتون پروفيسر کي ٻئي ڏينهن پنهنجي عدالت ۾ سڏايو.جڏهن اها موچاري شڪل واري خاتون سندس چئمبر ۾ نه وئي ته هن کيس عدالت اچڻ لاء سڌي ڪال ۽ ميسيج ڪيا.خاتون پنهنجي مڙس کي ماجرا ٻڌائي جنهن پنهنجي برادري جي ڀوتار کي دانهن ڏني.ڀوتار جج صاحب کي فون ڪري چيو ته سائين اها خاتون منهنجي برادري جي آهي ڪو ضروري ڪم هجي ته مان پاڻ اچان...چون ٿا ته  اهڙي ڌمڪي آميز فون بعد ان جج صاحب پاڻمرادو بدلي ڪرائي ڪنهن ٻئي شهر ۾ پوسٽنگ ورتي پر اتي به سندس عادت نه بدلي ۽ هن موچارين ڊاڪٽرياڻين واري وارڊ ۾ روز دورا ڪرڻ شروع ڪيا.جنهن کان تنگ ٿي اتان جي ايم ايس مونکي ٻڌايو ته يار صبح سان جج صاحب اچي وارڊ ۾ ٿو بيهي ۽ سوال جواب ڪري ٿو.هن چيو ته هڪ ڏينهن جج صاحب ته حد ڪري ڇڏي جو ٻيو ڪو معاملو نه هجڻ ڪري هن درين مٿان ڄمي ويل مٽي پنهنجي هٿن سان صاف ڪندي ايم ايس کي  ڏيکاريندي چيو ڊاڪٽر صاحب ڏسو ٿا اسپتال ۾ صفائي جو حال...جنهن تي ايم ايس به کيس چيو ها سائين ڏسان ٿو پر مان ڀنگي ناهيان سوئپر اچي ته کيس ياد ڏياريون ٿا...
هينئر مرڪز ۾  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ توڻي جو جوڊيشل ايڪٽوازم جاري آهي ۽ چيف صاحب گذريل ڏينهن ئي هڪ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته  هاڻي سرڪاري سمرين جو انتظار نه ٿيندو.اگر ضرورت پئي ته سٺن ماڻهن جي مقرري هو پاڻ ڪندا.سپريم ڪورٽ ۾ ته جوڊيشل ايڪٽوازم ڀلي جاري هجي پر سنڌ ۾ اهڙي قسم جي جوڊيشل ايڪٽوازم دادو واري اڳوڻي سيشن جج اشوڪ ڪمار ڏوڏيجا جي اچانڪ بدلي واري واقعي کانپوء هڪ هنڌ بيهجي وئي آهي.هاڻي لوئر ڪورٽس جي ججن ڏانهن اڻ اعلانيل ۽ بغير لکت وارا نوان احڪامات اهي جاري ٿيا آهن ته اسڪولن ۽ اسپتالن جا دورا ڪرڻ بند ڪيا وڃن.پنهنجي عدالتن ۾ باقي بچيل ڪيسن تي غور ڪيو وڃي.اهڙي پاليسي شفٽ سبب ڪيترائي نوجوان جج حيران ٿيا آهن ڇو ته اهي  نوي واري ڏهاڪي جي پوليس عملدارن جيان نوان نوان آفيسر ٿيا هئا ۽ ڪجهه مهينا اڳ شروع ٿيل جوڊيشل ايڪٽوازم سبب اهو سمجهي ويٺا هئا ته ملڪ جي سموري ڪاروهنوار هلائڻ جو بار سندن نازڪ ڪلهن مٿان اچي پيو آهي تنهنڪري اهي صبح جو آفيس ويندي  ڪنهن نه ڪنهن اسپتال جو دورو ڪري وري ڪنهن نه ڪنهن اسڪول جو دورو ڪندا هئا. البته هو ٿاڻن يا ڳجهن ٽارچر سلين جا دورا نه ڪندا هئا.پر هاڻي جڏهن جج  اشوڪ ڪمار کي ئي هو بنا پوسٽنگ جي يا پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڏسن ٿا ته کين اندازو ٿئي ٿو ته هر شعبي يا هر عملدار کي پنهنجي هڪ مخصوص حد اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.اگر  وقتي اختيارن جي حصول سبب هنن اها نظر نه ايندڙ لڪير  ڪراس ڪئي ته سندن ڪيرئير تباهه ڪرڻ وارا ۽ بري نظر رکڻ  وارا  سندن ئي آس پاس ويٺا آهن جيڪي کين ڪنهن اهڙي جاء تي موڪلي سگهن ٿا جتان ڪانون به سندن هڏي نه آڻيندا.تنهنڪري سنڌ ۾ جوڊيشل ايڪٽوازم  ضرور هجي پر جهڪي بابا جهڪي.........

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter