سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جنرل ضياء جو جهاز تباهه ٿيڻ واري واقعي ۾ جنرل اسلم بيگ جو ڪردار مشڪوڪ قرار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/23/2020

لاهور ( لاهوت مانيٽرنگ) پاڪستان جي اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل ضياء جي پٽ اعجاز الحق پاران سندس والد جو جهاز تباهه ٿيڻ واري واقعي ۾ جنرل اسلم بيگ ۽ جنرل محمود دراني جو ڪردار مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي.ان سان گڏ هن انڊين ۽ اسرائيلي خفيه ايجنسين مٿان پڻ سازش جو الزام لڳايو آهي.

هندستاني اخبار دي هندو جي رپورٽر مهمل سرفراز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اعجاز الحق چيو آهي ته  1988 ۾ سندس والد جنرل ضياء جي جهاز واري  ڪاڪ پٽ ۾ زهريلي گئس جي ڦوهاري سبب پائلٽ بيهوش ٿي ويا هئا.هن چيو ته جهاز ۾ رکيل انبن جي پيٽين ۾ پڻ بارود ڀريل هو ۽ جهاز کي پروجيڪٽائيل ذريعي پڻ نشانو بڻايو ويو هو.

جنرل ضياء جي پٽ اعجاز الحق پهريون ڀيرو اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل اسلم بيگ جو نالو کڻندي چيو آهي ته اهو ۽ نيشن سيڪيورٽي ايڊوائيزر جنرل محمود دراني جا ڪردار پڻ مشڪوڪ آهن.اعجازالحق چيو آهي ته ملتان جي فوجي اسپتال سي ايم ايڇ جي انهن ڊاڪٽرن کي ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو جن کي مٿان کان حڪم مليا هئا ته جنرل ضياء جي جسم جي ٽڪڙن جي پوسٽ مارٽم نه ڪئي وڃي.هن چيو ته ملتان اسپتال جي انهن ڊاڪٽرن جنرل ضياء جي خاندان کي اهي حقيقتون واقعي جي مهيني ٻن بعد ٻڌايون هيون.

هن چيو ته جهاز حادثي ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجي اتاشي جي اگر پوسٽ مارٽم ٿي پئي سگهي ته پاڪستاني جنرلن جي ڇو نه ڪئي وئي.هن چيو ته هن مختلف ذريعن کان اهي حقيقتون هاصل ڪيون آهن.هن چيو ته جهاز حادثي جي جيڪا جاچ ائرڪموڊور ظهور زيدي ڪئي هئي ان جا هڪ سو صفحا اڃان به وٽس پيل آهن.هن پاڻ به ان بابت آرٽيڪل لکيا پر ڪجهه نه ٿي سگهيو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter