02/23/2020
ڪويت ( لاهوت مانيٽرنگ) چين مان ڦهليل ڪرونا وائرس هاڻي دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ مڊل ايسٽ جي ستن ملڪن تائين ڦهلجي ويو آهي.جنهنڪري دنيا ۾ ڪرونا وائرس متاثرين جو ان 79000 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪرونا سبب 2600 انسان موت جو شڪار ٿي ويا آهن.
ايران ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلجڻ سبب پاڪستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن پنهنجو سرحدون سيل ڪري ڇڏيون آهن.
چين ۾ آچر ڏينهن 150 نوان موت رپورٽ ٿيا آهن.جنهنڪري ڪرونا وائرس سبب چين ۾ موت جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جو انگ اڍائي هزارن کان مٿي ٿي چڪو آهي.
هوڏانهن اٽلي ۾ پنجون ماڻهون ڪرونا وائرس سبب گذري ويو آهي.
پاڪستان پنهنجي ايران سان لڳندڙ سرحد تي 200 ماڻهن جي طبي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. ڪرونا وائرس سبب ايران ۾ پنجاهه مانهون موت جو شڪار ٿيا آهن.
جڏهن ته ڪرونا وائرس واري ايمرجنسي سبب چين ۾ ڏهاڪن بعد پهريون ڀيرو پارليمينٽ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.