سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

لاڙڪاڻي جي شيخ برادري کي ڏنل گارين جو فيصلو سهيل سيال ڪري ڇڏيو.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/14/2020

لاهوت ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان قائم درگاهه مشوري شريف جي هاڻوڪي گادي نشين شفيع محمد مشوري پاران هڪ وڊيو انٽرويو ۾ لاڙڪاڻي جي شيخ برادري کي ڏنل گارين جو فيصلو صوبائي وزير سهيل انور سيال ٻنهي ڌرين جي نوجوانن کي گڏ ويهاري ڪري ڇڏيو آهي.واضع رهي ته هڪ وڊيو انٽروي ۾ شفيع محمد مشوري چيو هو ته لاڙڪاڻي جا ڪجهه شيخ ايترا ته ڪنجوس آهن جو سندن مدرسي جي طالبن کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيڻ مهل به کين نمائش خاطر گهٽين ۾ بيهاريندا آهن ته جيئن ايندڙ ويندڙ ماڻهون اهو ڏسن ته فلاڻو شيخ مدرسي جي طالبن کي ڪپڙا ڏئي رهيو آهي.هن لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ميئر محمد اسلم شيخ مٿان ڪرپشن جا الزام هڻندي چيو هو ته ميئر جي ڪرسي ان شخص حوالي ڪرڻ ائين آهي جيئن گوشت تي ٻلو ويهارجي.هن هاڻوڪي ميئر لاڙڪاڻو خيرمحمد شيخ مٿان پڻ ڪرپشن جا الزام لڳايا هئا.سندس ان وڊيو انٽرويو بعد لاڙڪاڻي توڙي اتر سنڌ جي شيخ برادريءَ ۾ ڪاوڙ جي لهر اچي وئي هئي ۽ شيخ برادري جي نوجوانن پڻ جوابي وڊيوز تيار ڪري سوشل ميڊيا تي رکيون هيون.ان تڪرار دوران شڪارپور جي هڪ اهم سياسي اڳواڻي جي باڊي گارڊ هٿيارن سميت وڊيو ٺاهي شفن مشوري ۽ سندس پٽن خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو هو.جنهنڪري شيخ برادري ۽ مشوري شريف جي گادي نشينن وچم اڻبڻت هلندڙ هئي.

ذريعن موجب صوبائي وزير سهيل انور سيال ان جو نوٽيس وٺندي ٻنهي ڌرين کي گڏ ويهڻ جو مشورو ڏنو.ذريعن موجب  سهيل سيال مٿان شهر جي شيخ برادري جو دٻاءٌ هيو ته ان جو حل ڪڍيو وڃي ٻي صورت ۾ شيخ برادري اهو سمجهندي ته ان وڊيو پٺيان خود سهيل سيال جو هٿ آهي.جنهن بعد درگاهه مشوري شريف جي گادي نشين شفيع محمد مشوري جي پٽن ۽ شيخ برادري جي نوجوانن کي صوبائي وزير سهيل انور سيال گڏ ويهاري سرچاءَ ڪرايو پر ان فيصلي ۾ خود شفيع محمد مشوري کي نه گهرايو ويو جنهن جي وڊيو تان اهو تڪرار شروع ٿيو هو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter