سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

برطانوي ڪيپٽن ٽام موري جي سئو سالن ۾ بهادري 33 ملين پاونڊ جو فائدو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/14/2020

 

لاهوت ( مانيٽرنگ) هي ڪهاڻي هڪ اهڙي برطانوي ڪيپٽن جي آهي جنهنکي فوجي زندگيءَ ۾ ته اعزاز يا پروموشن نه مليو پر هاڻي جڏهن سئو سالن جو ٿيو آهي ته کيس هڪ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ سبب برطانوي فوج پڻ اعزازي پروموشن ڏئي کيس ڪرنل بڻائي ڇڏيو.

ٿيو ائين جو ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو وٺندڙ ڪيپٽن ٽام موري جيڪو هاڻي پنهنجي نياڻيءَ سان لنڊن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو ان جي هڪ سئو ساله جنم ڏينهن تي سندس نياڻيءَ اپيل ڪئي ته ڪيپٽن ٽام گهر اڳيان واڪ ڪري ڪرونا ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ميڊيڪل عملي کي خراج پيش ڪندو.سندس نياڻي حنا جي سوشل ميڊيا تي رکيل اهڙي پيغام کي مقامي اخبارن نمايان ڪري شايع ڪيو ته لنڊن جي ميڊيا ڪٿي ٿي پوئتي هٽي.انهن مان ڪجهه ماڻهن اها خبر هلائي ته بي بي سي ورلڊ سروس وري پنهنجي مارننگ شو ۾ کيس مهمان ڪري گهرايو.جنهن ۾ ڪيپٽن چيو ته ڪرونا جي وبائي ڏينهن ۾ اسانجو طبي عملو يعني اين ايڇ ايس بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي مان انهن لاءَ ڪجهه فنڊ گڏ ڪرڻ چاهيان ٿو.

 ڪيپٽن پاران بي عملي لاءَ فنڊ گڏ ڪرڻ جو پيغام ايترو ته اثرائتو هيو جو سڀني ٽي وي چينلن ۽ اخبارن هلايو.جنهن بعد نيشنل هيلٿ سروس يعني اين ايڇ ايس جي ويب سائيٽ تي چندو گڏ ڪرڻ جو پورٽل رکيو ويو.جنهن ۾ ڪيپٽن ٽام جي جنم ڏينهن واري تقريب تائين 33 ملين پائونڊ گڏ ٿي ويا.جنهنجي کيس توڙي سندس نياڻي حنا يا اين ايڇ ايس کي ڪا توقع نه هئي.هنن اندازو لڳايو هو ته وڌ ۾ وڌ 1000 پائونڊ گڏ ٿيندا.

ڪيپٽن ٽام پنهنجي جنم ڏينهن تي جڏهن جهونن ماڻهن جي سهاري واڪر تي هڪ سئو قدم هلي ڏيکاريا ته اها تقريب بي بي سي سميت سڀني ٽي وي چينلن لائيو ڏيکاري.ان مختصر تقريب ۾ هڪ فوجي دستي پڻ حصو ورتو ۽ ڪيپٽن ٽام کي اعزازي سلامي ڏني.اين ايڇ ايس موجب ڪنهن به هڪ ڏينهن ۾ ايتري رقم گڏ ڪرڻ جو ريڪارڊ ڪيپٽن ٽام قائم ڪيو آهي.

کيس پري پري کان ماڻهن خط ، جنم ڏينهن جا ڪارڊ ايترا موڪليا جو ڳوٺ جي پوسٽ آفيس ڀرجي وئي ۽ انهن وٽ اهي گلدستا، خط رکڻ جي جاءَ نه بچي ۽ انهن اهي خط کڻي وڃي ڳوٺ جي ان اسڪول جي هڪ هال ۾ نماش لاءَ رکيا جتي ڪيپٽن ٽام جو ڏوهٽو هيڊماستر آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter