سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اسپين جي 113 ساله جهوني عورت ڪرونا کي شڪست ڏئي ڇڏي.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/14/2020

اهوت ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪرونا جي عالمي وبائي ڏينهن ۾ جتي نوجوان ۽ معصوم ٻارڙا به ڪرونا وگهي موت جو شڪار ٿي رهيا آهن اهڙن ڏينهن ۾ اسپين مان هڪ اتساهيندڙ خبر آئي آهي.جنهن موجب 113 ساله عورت ماريا برنياس ڪرونا پازيٽو ٿي اسپتال جي آئي سي يو ۾ داخل ٿي.کيس ڊاڪٽرن دوائون ڏنيون ۽ ڪجهه هفتن بعد سندس طبيعت بهتر ٿيڻ لڳي.جڏهن سندس طبيعت وڏيڪ بهتر ٿيڻ لڳي ته سندس ڌيءٌ اهو پيغام ٽوئيٽر تي رکيو ته هاڻي ماريا جي طبيعت بهتر آهي ۽ ڳالهائي ٻولهائي سگهي ٿي.جنهن بعد ان ٽوئيٽر تان ماريا جي عمر معلوم ڪرڻ بعد صحافين ساڻس رابطو ڪيو ۽ مختلف عالمي اخبارن ۾ اهي خبرون ڏنيون ته ڪرونا جهڙي قاتل وبا کي 113 ساله عورت شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

ماريا جو جنم 1907 ۾ ميڪسيڪو ۾ پيدا ٿي.سندس والد صحافي هو تنهنڪري مختلف ملڪن ۾ زندگي گذاريائين.هن پهرين عالمي جنگ پڻ ڏٺي.کيس جيڪي ٽي ٻار ٿيا انهن مان هڪ 86 ساله آهي.جنهن مان کيس 11 پڙپوٽا آهن.جڏهن ته سندس نياڻي 60 سالن جي آهي جنهن مان کيس 13 پڙڏوهٽا آهن.هن پنهنجي حياتي جا ٻه ڏهاڪا جهونن ماڻهن لاءَ قائم ڪيل گهرن ۾ گذاريا آهن.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter