سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هيپي برٿ ڊي ٽو ماڌوري ڊڪشٽ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/15/2020

لاهوت ( مانيٽرنگ) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره هن سال 52 سالن جي ٿي وئي آهي پر سندس مداحن ۾ اڃان به کيس چاهيو ۽ پوڄيو وڃي ٿو.

ماڌوري ڊڪشٽ 33 سالن کان بالي ووڊ تي راڄ ڪيو آهي ۽ هزارين مداحن جي حواسن تي اڃان به سندس رقص ايترو حاوي آهي جو هو جڏهن به هم آپ ڪي هين ڪون جهڙا گانا ٻڌن ٿا ته سمجهي وڃن ٿا اهو ماڌوري جو گانو هوندو

ماڌري جي شادي آمريڪا ۾ رهندڙ دل جي هڪ ڊاڪٽر سريرام نين سان ٿي ۽ هن پورا نو سال فلم انڊسٽري کان ٻاهر آمريڪا ۾ گذاريا پر پوءَ به جڏهن 2011 ۾ واپس آئي ته ٻيهر سرگرم ٿي وئي.

ماڌوري ڪٿڪ ڊانس جي ٽرينر آهي هن اهو رقص نون سالن جي عمر ۾ سکيو هو.هن نانا پاٽيڪر جي فلم پرهار ۾ بنا ميڪ اپ جي ڪم ڪيو.جڏهن ته سندس مقبول فلم ديوداس جي گاني ڪاهي ڇيد موهي واري لباس جو وزن 30 ڪلو هيو پر ايتري وزني ڊريس کي به هن ڪک سمجهي اداڪاري ڪئي.

ماڌوري پاڻ راڳ به ڳائيندي آهي ، سندس سونهن نوجوانن سان گڏ جهونن کي به ايترو موهي وڌو جو آرٽسٽ ايم ايف حسين سندس فلم ، هم آپ ڪي هين ڪون 67 دفعا ڏٺي..

ماڌوري کي 2018 واري آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ انڊيا جي ٻين 20 فنڪارن سان گڏ مدعو ڪيو ويو هو.هن پنهنجي ٽن ڏهاڪن واري ڪيرئير ۾ 70 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

ماڌوري 15 مئي 1967 ۾ پيدا ٿي هئي..هيپي برٿ ڊي ٽو ماڌوري.....

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter