سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پاڪستاني ٻارڙن جون اگهاڙيون وڊيوز وڪڻڻ واري همراهه جي سزا معطل آزاد ڪرڻ جو حڪم


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/16/2020

لاهور ( لاهوت مانيٽرنگ) لاهور هائي ڪورٽ خميس ڏينهن سرگوڌا جي سادات امين جي سزا معطل ڪري کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.سادات امين کي ايف آئي اي سائبر ڪرائيم سيل ناروي جي سفارتخاني جي شڪايت تي 2017 ۾ گرفتار ڪيو هو.ايف آئي موجب سادات امين ٻارڙن جون اگهاڙيون وڊيوز ۽ فوٽو آن لائين وڪرو ڪندڙ عالمي گروهه جو ميمبر هو جنهن وٽان ايف آئي اي کي هزارين وڊيوز ۽ تصويرون هٿ آيون هيون جيڪي چائلڊ پورنوگرافي ۾ قطب آنديون پئي ويون.

سادات امين کي ناروي جي سفارخاني کي شڪايت تي گرفتار ڪري سندس نيٽ ورڪ جي عالمي ميمبرن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سوئيڊن، اٽلي، آمريڪا، برطانيا جي گينگ جا ميمبر شامل هئا.

سادات جي گرفتاري بعد سرگوڌا جي جوڊيشل مئجسٽريٽ کيس پريوينشن آف اليڪٽڪ ڪرائيم ايڪٽ 2106 جي سيڪش 22 تحت ست سال قيد ۽ 1.2 ملين واري ڏنڊ جي سزا ڏني هئي.جنهنڪري ميڊيا ۾ مٿس تنقيد ٿي هئي ته ايڏي وڏي ڏوهه جي ايتري معمولي سزا ڇو.؟

سادات امين مٿان الزام هيو ته هو پاڪستان مان 10 کان 12 سالن جي ٻارڙن کي مختلف لالچون ڏئي سندن اگهاڙا فوٽو ۽ وڊيوز تيار ڪري عالمي گينگ ميمبرن کي موڪليندو هو جيڪي مختلف پورنو ويب سائيٽس کي وڪرو ڪري کيس پئسا موڪليندا هئا.

گذريل خميس ڏينهن لاهور هائي ڪورٽ ۾ سادات امين جي وڪيل رانا نديم احمد جي درخواست تي جج فاروق حيدر نه سرگوڌا واسي جي سزا معطل ڪري کيس ٻن ٻن لکن جي ضمانتي بانڊن تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter