سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

لاهور هائي ڪورٽ پاران ٻارڙن جون فحش فلمون تيار ڪندڙ جي آزادي وارو ڪيس ٻيهر ٻڌڻ جو فيصلو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/17/2020

لاهور ( لاهوت مانيٽرنگ) لاهور هائي ڪورٽ پاران سرگوڌا واسي سعادت امين جي ضمانت تي آزادي واري  اپيل ٻيهر ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اهڙو فيصلو پاڪستان جي چيف جسٽس گلزار احمد پاران  نوٽيس وٺڻ بعد ڪيو ويو آهي، جنهن پاڪستان جي اٽارني جنرل خالد انور کي اهو معاملو ڏسڻ جو  چيو هو..لاهور هائي ڪورٽ پاران ٻارڙن جون فحش فلمون عاليم مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندڙ جي ضمانت منظور ڪرڻ واري  فيصلي بعد سوشل ميڊيا تي هڪ وڏو بحث ۽ ڇتي تنقيد شروع ٿي  هئي.

لاهور هائي ڪورٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس فاروق حيدر ٻه ڏينهن اڳ زباني حڪم تي سعادت امين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو چيو هو، جيئن ته ان جو آرڊر اڃان لکت ۾ نه آيو آهي نه ئي جج جي دستخط ٿيل آهي تنهنڪري اهو معاملو ٻيهر ٻڌڻيءَ لاءَ منظور ڪري سگهجي ٿو.ذريعن موجب جج تيستائين پنهنجو آرڊر واپس وٺي يا ان ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو جيستائين اهو لکت ۾ اچي ۽ دستخط ٿي وڃي.

ان کان اڳ گذريل خميس ڏينهن لاهور هائي ڪورٽ جي جج فاروق حيدر سرگوڌا واسي سعادت امين جي سزا معطل ڪري کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو  جنهن مٿان 2018 ۾ ٻارڙن جون فحش تصويرون ۽ وڊيوز عالمي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جو ڪيس هليو هو ۽ کيس سزا آئي هئي.سعادت ايف آئي اي هٿان سوئيڊن جي سفارتخاني جي شڪايت بعد گرفتار ٿيو هو. انگريزي اخبار ڊان جي رپورٽ مطابق .سعادت  امين کي ايف آئي اي سائبر ڪرائيم سيل ناروي جي سفارتخاني جي شڪايت تي 2017 ۾ گرفتار ڪيو هو.ايف آئي موجب سعادت  امين ٻارڙن جون اگهاڙيون وڊيوز ۽ فوٽو آن لائين وڪرو ڪندڙ عالمي گروهه جو ميمبر هو جنهن وٽان ايف آئي اي کي هزارين وڊيوز ۽ تصويرون هٿ آيون هيون جيڪي چائلڊ پورنوگرافي ۾ قطب آنديون پئي ويون.

سعادت  امين کي ناروي جي سفارخاني کي شڪايت تي گرفتار ڪري سندس نيٽ ورڪ جي عالمي ميمبرن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سوئيڊن، اٽلي، آمريڪا، برطانيا جي گينگ جا ميمبر شامل هئا.

سادات جي گرفتاري بعد سرگوڌا جي جوڊيشل مئجسٽريٽ کيس پريوينشن آف اليڪٽڪ ڪرائيم ايڪٽ 2106 جي سيڪش 22 تحت ست سال قيد ۽ 1.2 ملين واري ڏنڊ جي سزا ڏني هئي.جنهنڪري ميڊيا ۾ مٿس تنقيد ٿي هئي ته ايڏي وڏي ڏوهه جي ايتري معمولي سزا ڇو.؟

سعادت امين مٿان الزام هيو ته هو پاڪستان مان 10 کان 12 سالن جي ٻارڙن کي مختلف لالچون ڏئي سندن اگهاڙا فوٽو ۽ وڊيوز تيار ڪري عالمي گينگ ميمبرن کي موڪليندو هو جيڪي مختلف پورنو ويب سائيٽس کي وڪرو ڪري کيس پئسا موڪليندا هئا.

گذريل خميس ڏينهن لاهور هائي ڪورٽ ۾ سادات امين جي وڪيل رانا نديم احمد جي درخواست تي جج فاروق حيدر نه سرگوڌا واسي جي سزا معطل ڪري کيس ٻن ٻن لکن جي ضمانتي بانڊن تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter