سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مصر ۾ پهريون ڀيرو عورت ليکڪا کي ايوارڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/17/2020

 

لاهوت ( مانيٽرنگ) مصر ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت ليکڪا کي ملڪ جو اعلي ادبي ايوارڊ ڏنو ويو آهي.اهو ايوارڊ مصري ناول نگار ۽ ليکڪا ريم بصيوني حاصل ڪري ورتو آهي.ريم جو چوڻ آهي ته هوءَ نجيب محفوظ ايوارڊ ملڻ تي تمام گهڻو خوش آهي.

بصيوني کي اهو ايوارڊ سندس تازو ڇپيل ناول انسانن جي اولاد تي مليو آهي جيڪو مصر جي تاريخي پس منظر ۾ لکيل ٽرائلاجي جو حصو آهي.ناولن جي اها سيريز ريم بصيوني مملوڪ جي باري ۾ لکي آهي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته اهي مصر ۾ خريد ڪري آندل غلام هئا جيڪي بعد ۾ مصر مٿان 276 تائين حاڪم رهيا ۽ جابر رهيا.

ڊاڪٽر ريم بصيوني کي اهو نجيب محفوظ ايوارڊ 2019.2020 لاءَ ڏنو ويو آهي.واضع رهي ته نجيب محفوظ ايوارڊ گذريل 20 سلان تائين بند هيو پر هاڻي 2017 ۾ ان کي ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.ان ايوارڊ جي بهترين عربي ناول ۽ بهترين مصري ناول ۾ ڊاڪٽر ريم جي ڪتاب کي ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

ڊاڪٽر ريم بصيوني جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي لکڻين ذريعي تاريخ کي سمجهڻ جي راهه هموار ڪئي آهي ڇو ته ڪيترائي ماڻهون مملوڪن بابت ائين سمجهندا رهيا آهن ته اهي ڪي انسان ئي نه هئا ۽ وڏا ظالم هئا پر مون پنهنجي هن ناول ۾ انهن جو انساني پهلو اجاگر ڪيو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter