05/18/2020
ڪابل ( لاهوت مانيٽرنگ) دنيا جي مختلف ملڪن جون مائرون ۽ انسان دوست ماڻهون افغانستان جي ان عورت جي اڃان تائين تعريف ڪري رهيا آهن جنهن ڪابل بم ڌماڪي ۾ يتيم ٿيل تازن ڄاول ٻارڙن کي پنهنجي ٿڃ پياري هڪ نئين تاريخ لکي آهي.
اها همٿ ڪندڙ 27 سالن جي فيروزه عمر آهي جنهنکي جڏهن خبر پئي ته سندس دهشتگردن ڪابل جي هڪ ميٽرنٽي هوم تي حملو ڪري 24 ٿورتن ۽ نون ڄاول ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ته هن پنهنجي مڙس کان اسپتال وڃڻ جي اجازت ورتي.
سندس مشڪل اڃان تڏهن آسان ٿي جڏهن کيس خبر پئي ته اهي تازا ڄاول ۽ تازا يتيم ٿيل ٻارڙ سندس گهر کان ٻه ڪلوميٽر پري واري اسپتال دست بارچه ۾ آندا ويا آهن.تڏهن سندس مڙس کيس اجازت ڏني ۽ هوءُ ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسپتال پهتي.
اسپتال وارن ميڊيا کي ٻڌايو ته فيروزه ٽي ڪلاڪ اسپتال ۾ ترسي ۽ ٽن ڪلاڪن دوران ٽن معوصم يتيم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي ٿڄ پياري وئي.فيروزه کي پنهنجو پڻ چئن مهينن جو ٻارڙو آهي.
اسپتال ۾ يتيم ٻارڙن کي ٿڃ پياريندڙ فيروزه جا فوٽو جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا ته هن پنهنجي ڪميٽنس ۾ لکيو ته انهن يتيم ٻارڙن کي ڀاڪر پائيندي ۽ کين ٿڃ پياريندي مونکي ڪا به ججهڪ محسوس نه ٿي، مون ائين سمجهيو اهي ڪنهن ٻي ماءُ جا نه پر منهنجا پنهنجا ٻار آهن.
فيروزه جي ان ممتا کي سموري دنيا جي مائرن مثالي قرار ڏيندي سندس ساراهه ڪئي آهي.ٻئي طرف اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته فيرزه پاڻ به دهشتگردي جي متاثره رهي آهي.
فيروزه جي نوجوان ڀاءُ کي 2017 ۾ طالبان قتل ڪيو هو جنهنڪري سندس چوڻ آهي ته هوءَ سمجهي سگهي ٿي ته دهشتگردي ڪيترا گهرا زخم ڏيندڙ آهي.