سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مصر جي ٽڪ ٽاڪ اسٽار گرفتار ٿي وئي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/18/2020

 

قاهره _ لاهوت مانيٽرنگ) مصر جي مقبول ٽڪ ٽاڪ اسٽار کي قاهره پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.قاهره پوليس جو چوڻ آهي ته سندس وڊيوز مصري ثقافت ۽ خانداني قدرن جي خلاف آهن.

قاهره پوليس مصر جي 22 سالن واري ٽڪ ٽاڪ اسٽار معيده ايلڌم کي گرفتار ڪري ورتو آهي.قصر جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته معيده سوشل وڊيوز ۾ مصر جي خانداني روايتن ۽ اخلاقي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

معيده ايلڌم جا صرف ٽڪ ٽاڪ تي 3 ملين فالوئرز آهن جڏهن ته انسٽاگرام تي 1.6 ملين 7 يوٽيوب تي ٽي لک فالوئرز اٿس.قاهره پوليس جو چوڻ آهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو معيده پنهنجي غير اخلاقي وڊيوز سبب گرفتار ٿي هجي.ان کان اڳ پڻ مارچ 2020 ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن معيده ڪرونا ڪرفيو جي خلاف ورزي ڪندي پنهنجي لگزري گاڏي ۾ روڊن تي بيهي ريڪارڊنگ ڪئي هئي

مصر ۾ انکان اڳ پڻ سوشل ميڊيا اسٽار حانين حسين کي مصري خانداني قدر لتاڙڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري قاهره جيل اماڻيو ويو هو..

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter