سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شاهد آفريدي کي ڪهڙي ڪم لاءَ تيار ڪيو پيو وڃي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/22/2020

ٽوئيٽر تي اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا هڪ نئين وزيراعظم جي تلاش جاري آهي.هڪ ڪمينٽ ۾ اهو پڻ چيل آهي ته ٿورو پاسو ڪيو پاڪستان جي مستقبل جو وزيراعظم تيار ٿي رهيوآهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽ ڪپتان شاهد آفريدي جي فوٽن سان گڏ ايڌي ٽرسٽ جي اڳواڻ فيصل ايڌي جا پڻ فوٽ شيئر ڪيا ويا آهن جن ۾ چيل آهي ته جهاز حادثي ۾ سڄو ڏينهن پنهنجي رضاڪارن سميت محنت ڪندڙ فيصل ايڌي جا فوٽو ڇو نٿا ڪڍيا وڃن.؟

واضع رهي ته شاهد آفريدي اڄڪلهه  مختلف فلاحي ڪمن ۾ مصروف آهي.تازوئي هن لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيل ماڻهن ۾ راشن ورهايو ۽ لاڙڪاڻي پوليس جي شهيدن جي وارثن ۾ پڻ راشن ۽ عيد جي خرچي ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاڙڪاڻي پهتو.

سوشل ميڊيا تي ٿيل تبصرن ۾ اهو پڻ چيل آهي ته هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان کي پڻ ماضيءَ ۾ ائين فلاحي ڪمن ذريعي تيار ڪري کيس سياست ۾ آڻي وزيراعظم جي ڪرسي تائين پهچايو ويو هو تنهنڪري هاڻي شاهد آفريدي جا چانس وڌيڪ آهن.

ڪراچي سان تعلق رکندڙ ڪجهه صارفين اهي پڻ ڪمينٽ ڪيا آهن ته شاهد آفريدي کي مانسهره يا پشاور بدران ڪراچي مان لانچ ڪيو ويندو ته جيئن اهو ٻڌائي سگهجي ته ڪراچي ۾ پڻ شاهد آفريدي جو تڪ تيار آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter