سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

فوٽ پاٿ تي ستل فيصل ايڌي ۽ آسمان مان آيل آفريدي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/22/2020

ڌرتي ٿيٻو

ڪراچي ۾ ٿيل جهاز حادثي تي ملڪ ۾ اڃان به سوڳ ڇانيل آهي، ڪيترائي ماڻهون پنهنجي پيارن جا لاش حاصل ڪرڻ لاءَ پنهنجون ڊي اين اي ٽيسٽون ڪرائي رهيا آهن.سوين خاندانن جون عيدون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون آهن پر ڪجهه ماڻهون ان تمام وڏي قومي سانحي تي به سياست چمڪائڻ ۾ پورا آهن.جنهنجو هڪ مثال اڳوڻي ڪرڪيٽ ڪپتان شاهد آفريدي جو شاهاڻي انداز ۾ ڪيل دورو آهي.پر سوال اهو ٿو اڀري ته جهاز حادثي واري جڳهه تي جنهن انداز سان شاهد آفريدي کي پروٽوڪول ڏئي سندس پروموشن ڪئي وئي اهڙي طرح جي همٿ افزائي ان فيصل ايڌي جي ڇو نه ڪئي وئي جيڪو سماجي خدمت ۾ هاڻي ٻي پيڙهي کان ڪم ڪري رهيو آهي.

جهاز حادثي جي خبر پوندي ئي ايڌي سينٽر جون سوين ايمبوليسنون اچي ماڊل ڪالوني پهتيون.جيئن جيئن حادثي واري جڳهه تان لاش يا زخمي ملندا ويا تيئن تيئن ايڌي ايمبولينسن ۾ ڀري انهن کي ويجهي توڙي پري وارين اسپتالن ۾ پهچايو ويو.

ان آپريشن ۾ اهي ايڌي رضاڪار حصو وٺي رهيا هئا جن کي اسان جو معاشرو حرامي ٻار چوندو آهي ۽ انهن کي ڄمندي ئي ايڌي سينٽر وارن جهولن ۾ اڇلي ويندو آهي.جن کي اخبارون به ڪنواري ماءُ جو گناهه جهڙي سرخي هڻي خبر لڳاينديون آهن.پر انهن سڀني نام نهاد حرامي ٻارن کي عبدالستار ايڌي صاحب کڻي اچي پنهنجي سينٽرن ۾ پاليو ۽ انهن جي ئي اڪثريت کي هن پنهنجي پيلفيئر ٽرسٽ ۾ رضاڪار ڀرتي ڪيو .هاڻي اهي ئي رضاڪار جيڪي عبدالستار ايڌي جي اوالد سڏائيندا آهن سي هر حادثي مهل سڀ کان اڳ پهچندا آهن.

جهاز حادثي ۾ رڳو ايڌي رضاڪار ئي نه پر خود فيصل ايڌي به اچي پهتو جيڪو امدادي ڪارواين ۾ پگهرجي ۽ عڪجي پيو ته ڀرسان واري فوٽ پاٿ تي هڪ ٻي سماجي خدمت وار تنظيم جي ڊي سي جي  ظفر عباس سان گڏ ويهي رهيو.ويٺي ويٺي هن ڪجهه دير چيلهه ڊگهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فوٽ پاٿ تي ئي مٿي هيٺان پنهنجون ٻانهون ويهاڻو ڪري سمهي رهيو.سندس اهي فوٽو سوشل ميڊيا تي ساراهن سان گڏ رکيا وڃن ٿا ۽ گڏوگڏ اهو سوال به اٿاريو وڃي ٿو ته فوٽ پاٿ تي ستل فيصل ايڌي اسان جي بهتر خدمت ڪري سگهي ٿو يا لينڊ ڪروزر ۾ آيل شاهد آفريدي جنهنکي سرڪار اهلڪار پروٽوڪول ڏئي رهيا هئا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter