سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڊرامي ميرا دل ميرا دشمن جي ٽيم ندا ياسر سميت ڪرونا پازيٽو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

05/22/2020

ڪراچي ( لاهوت مانيٽرنگ) پاڪستاني ٽي وي ڊرامي ميرا دل ميرا دشمن جي مک ڪاسٽ ۾ شامل اداڪار ۽ اداڪارائون ڪرونا وائرس ۾ وٺجي ويون آهن.ميڊيا رپورٽس موجب ان ڊرامي جي مک ڪاسٽ ندا ياسر واري مارننگ شو يعني گڊ مارننگ پاڪستان ۾ مهمان ٿي آيل هئي.اهو ڊرامو ندا جو مڙس ياسر نواز پنهنجي پروڊڪشن هائوس تحت تيار ڪري هلائي رهيو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب ڊرامي جي ان ڪاسٽ ۾ اداڪاره عليزه شاه، نعمان سان گڏ ياسر نواز ۽ مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر پڻ ڪرونا پازيٽو ٿيلن ۾ شامل آهي.

پاڪستان ۾ ڪرونا جي وبائي ڏينهن بعد ٽي وي اسٽوڊيوز ۾ پڻ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءَ چيو ويو هو پر ندا ياسر ان جي باوجود مارننگ شو جيئن جو تيئن ڪندي رهي.ان ڏس ۾ ڪيترين ئي اداڪارائن ۽ فنڪارن سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽس ڪيا آهن پر خود ندا ياسر ۽ ياسر نواز اڃان تائين تصديق نه ڪئي آهي ته سندن ڊرامي جي ٽيم ۽ مارننگ شو واري ٽيم جي ڪرونا ٽيسٽ رزلٽ پازيٽو آئي آهي يا نيگيٽو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter