سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

انڊين اليڪشن : حر فقير کٽي ويو پر ريٻاري هارائي ويو.. سڪندر مهيري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/12/2018

انڊيا جي مختلف رياستن مان آيل چونڊ نتيجن حڪمران هندو انتهاپسند جماعت بي جي پي کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي.خاص طور سندس ڳڙهه سمجهيون ويندڙ رياستون ڇتيس ڳڙهه ۽ مڌيا پرديش به سندس هٿن مان هلي ويون آهن.راجسٿان جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي جتان بي جي پي جي ڪيترن ئي صوبائي وزيرن هارايو آهي.بي جي پي جي انهن هارائيندڙ اميدوارن ۾ اوتارام ديوداسي به شامل آهي جيڪو صوبائي حڪومت جي تاريخ ۾ پهريون ڳئون ڀلائي وزارت جو وزير هيو.
ديوداسي ريٻاري ڪميونٽي سان واسطو رکي ٿو جنهنکي سندس پوئلڳ ڀوپاجي به چون ٿا. ريٻاري قبيلو سنڌ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آباد آهي جيڪو بدين ۽ ٿر وارن علائقن ۾ مالوند ماڻهن طور مشهور آهن.جيڪي مهيرين جا اٺ پڻ مهينن تائين چراگاهن ۾ چاريندا آهن.ان سان گڏ زراعت جو وزير لال سيانسي،روينيو وزير آمرارام،صنعتن ۽ سياحتن جا وزير پڻ چونڊون هارائي ويا آهن.
جڏهن ته راجسٿان جي مختلف علائقن مان مک اپوزيشن جماعت ڪانگريس جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جن ۾ پوکران مان حر جماعت جو صالح محمد پڻ شامل آهي.صالح محمد حر جماعت جي اڳواڻ غازي فقير جو پٽ آهي جيڪو راجسٿان ۽ ٻاڙ مير جي علائقن تائين پنهنجو اثر رسوخ قائم رکيون پيو اچي.
انڊيا جي مختلف رياستن ۾ هارائڻ بعد بي جي پي اڳواڻ ۽ وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي جماعت جي شڪست کي هڪ ٽوئيٽ ذريعي قبول ڪيو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي راء جو اظهار ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.مختلف رياستن جي آيل نتيجن مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته انڊيا جا ماڻهون نريندر مودي جي انتهاپسند سياست کان پاسرا ٿي رهيا آهن.مودي واري جماعت بي جي پي 2014 وارين چونڊن ۾ مذڪوره رياستن جي 65 سيٽن مان 62 سيٽون کٽيون هيون پر هن ڀيري نتيجا سندس حق ۾ نه اچي رهيا آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter