سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

عدالت ۾ زرداري جي ويڳي ڀاء ٽپي بابت پڇاڻو: ڪير آهي اهو ٽپي؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/12/2018

سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ زمينن تي قبضي جي ڪيس واري سلسلي ۾ عدالت عظمي اندر اويس مظفر ٽپي جو ذڪر نڪري پيو. پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويڳي ڀاء اويس مظفر ٽپي بابت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس استفسار ڪيو ته ڪير آهي اهو ٽپي ؟ ڪٿي آهي اهو ٽپي ؟، کيس پيش ڪيو وڃي.  گذريل ڏينهن چيف جسٽس پاڪستان ميان  ثاقب نثار جي سربراهي ۾ هڪ بئنچ زمينن تي قبضي جي ڪيس جي سماعت ڪئي.جنهن دوران ٽپي بابت پڇاڻو ڪيو ويو.
سنڌ پوليس پاران ڊي آئي جي سائوٿ جاويد عالم اوڍو عدالت اڳيان روبرو پيش ٿيو ۽ رپورٽ جمع ڪرايائين ته اويس ٽپي ٽن سالن کان پرڏيهه ترسيل آهي.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽپي جي والده کي پٽ جي طلبي جو نوٽيس ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايف آئي اي کي پڻ اويس مظفر ٽپي بابت خط لکيو ويو آهي.
واضع رهي ته اويس مظفر ٽپي پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويڳو ڀاء آهي جيڪو ٺٽي مان هڪ ڀيرو ايم پي اي پڻ چونڊيو ويو هو.اويس ٽپي جون 2015 ۾  پنهنجي ڀاء جي تدفين جي سلسلي ۾ لنڊن هليو ويو ته وري واپس نه آيو آهي.سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل آخري بيان مارچ 2016 جو لڳل آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته مان ڪرپٽ ناهيان پر ڪرپٽ اهي آهن جيڪي منهنجي مٿان الزام هڻي رهيا آهن.هن لکيو آهي ته مون جيڪو ڪجهه به ڪيو سو پنهنجي ليڊرشپ جي ڊائريڪٽ حڪم تي ڪيو ۽ مان پنهنجي بيان تي اڄ به قائم آهيان.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter