سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جڏهن پوي ٿي ياد صحبت سپيرين جي .. ساگر حنيف جي ياد .. آزاد انور مھر


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/12/2018

هو شاعرته نه هو پر اهو ڪجهه هو جنهن مان شعر جڙندا آهن جنهن جي مرڪ ۽ گفتار مان افسانا ۽ ناول جنم وٺندا آهن جڏھن ھو قومي سياسي جلسن ۾ ھزارن جي ھشامن وچ ۾ لطيف سائين جي شعرن جي خوبصورت تشريح ڪندو ھو ته محسوس ٿيندو ھو ڄڻ داناهيءَ کي دان ملندو ھجي.سندس سامھون ويٺل ھزارين ڏنگا ٻار جن کي چاچو حفيظ قريشي ڪاوڙجي وات ڳاڙها ڇورا چوندو ھيؤ سي سي خاموش پنڊ پهڻ ٿي ويندا ھئا.
ساگر حنيف بڙدي اسان جي مجلس کي عمر ڀر جي اداسي ڏئي ھليو ويو آھي ساگر جي ذات جا ڪھڙا پاسا کڻي ڪهڙا کڻجن ، ڪھڙا ڳڻ ڳائجن ھن سان گھاريل وقت جي ھڪڙي ھڪڙي ياد اکيون آليون ڪري رھي آھي. ساگر قومي تحريڪ جو اهڙو سگھارو سڏ هيو جيڪو سياسي دوستن جي تلخ روين جو زھر پيئندو ۽ جيئندو رھيو. ھن جا ڀاڪر ھن جون چميون ھن جا ڊگھا ٽھڪ ھر ھر ياد ٿا اچن ھو پنھنجي ڏکن سورن کي ٽھڪن ۾ لڪائي ھلندو ھو ساگر قوم جي نفسيات کي سمجھدڙ ھڪ بھترين مقرر ۽ حقيقي قومي ڪارڪن ھيو ھن ۾ گھڻ پڙھيل شھري نوجوانن ۽ اڻ پڙھيل ڳوٺ جي ڌنارن جي وچ ۾ داخل ٿيل دورين ڀلي ڀت سمجھي سگھڻ جي صلاحيت رکندو هو...
. ساگر جي ياد فطري آھي ساگر جھڙو انسان وسري به ته  ڪئين جنھن ڪڏھن به ڏکين حالتن ۾ غافل ٿيل قوم کي خاموش رھڻ نه ڏنو. سيد جي ڏنگن ٻارن جي وڏي ھجوم ۾ ساگر سيد جو صالح روحاني اولاد ھو جنھن قومي سياست کي وڏي محنت ۽ محبت سان پنهنجي جگر جو خون ڏئي آباد ڪيو ھو جيڪا اڄ شھيد بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر ۽ ساگر کان پوءِ سينواريل ۽ گندگي ڀريل دٻي ۾ تبديل ٿي وئي آھي. ساگر ان سياسي سمنڊ ۾ 29 سال رهيو انڪري ساگر قومي سياست واري ساگر جي لهرن جا لهجا ڄاڻندو هن کي معلوم هو ته جيئي سنڌ جي سياست ۾ آيل وڏا شھپر رکي ويڪريون شلوارون پائيندڙ بيروزگار نوجوانن کي ڪهڙا طعنا ملندا آهن؟ هو سياسي پورهيت هو مظاھرن ڌرڻن ۾ هن جا پگهر ڦڙا جڏهن ڌرتيءَ تي وسندا هئا تڏهن مٽي مهڪي پوندي هئي تڏهن سج جا ڪرڻا مسڪرائڻ لڳندا هئا اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن به قسم جي  مهانتا جي منزل جو مسافر نه هو.
جيئي سنڌ جي سياست ۾ آيل اھڙا به کوڙ اڳواڻ آھن جيڪي ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا پر ساگر درويش صفت انسان ھو ھڪ اھڙو شخص جنهن جو ڪارخانن سان ڪو وڏو واسطو نه هو جيڪو پلاٽن جو سودو نه ڪندو هو نه ئي  پرمٽون وٺندو ھو جنهن جو مٽيءَ سان محبت وارو رشتو هجڻ سبب هن جي لطيف جي لفظن ۾ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي ساگر اهو شخص جيڪو ڪابہ ڳالهه ڪنهن هام وانگر هڻڻ بدران مرڪندڙ چپن سان ڪنهن نهايت سولي ڪم وانگر ڪندو هو.ساگر ته  پر اميد ھو انقلاب لاء لفظ ميلو چوندو ھو ۽ مرڪندي تقريرن ۾ اڪثر ائين چوندو ھو ته اچو ته مڙي مٺ ٿيون پڪ ڄاڻو ميلو مچي سگهي ٿو..
ساگر سنڌ جي نظرياتي ۽ ميچوئر قومي تحريڪ جو دماغ ھو ساگر جي تڏي تي سنڌ گڏ ٿي ھئي جنازي ۾ ھزارن جا ھشام ھيا .پڊعيدن جون بازارون ويران ڏسي منھنجو ايمان پختو ٿيو ھيو تہ تاريخ ڪنھن جو پورھيو ناھي وجائيندي موت به ساگر جي مرڪ کسي نه سگهيو.
سڄڻ ڏٺو جن، تن ڳچيءَ سرڳھہ ڪيو، ٻيون ڪوھہ ٻجھن، قدر ڪيميا ان جو

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter