سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هندو ليکڪا مسلمان مڙس جي سحري افطار جو بندوبست ڪيئن ٿي ڪري ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/13/2018


هندو ليکڪا مسلمان مڙس جي سحري افطار جو بندوبست ڪيئن ٿي ڪري ؟
ڌرتي ٿيٻو
نتاشا بدوور هاڻي ته آزاد فلم ميڪر، ميڊيا ٽرينر ۽ فيشن بزنيس ڪندڙ آهي پر هن جڏهن براڊڪاست جرنلزم شروع ڪئي ته هوء اين ڊي ٽي وي جي پهرين عورت وڊيو گرافر هئي.سندس انٽرويوز جي سيريز منٽ لائونج ايتري ته ڪامياب وئي جو کيس انهن ورتل انٽرويوز تي مبني ڪتاب ڇپرائڻو پيو.نتاشا رنچي ۾ پئدا ٿي ۽ ڪلڪتي ۾ پلجي وڏي ٿي پر هاڻي دهلي سندس گهر آهي جتي هن ساٿي ڪم ڪندڙ مسلمان افضال سان شادي ڪري ڇڏي.ٻئي پنهنجي پنهنجي مذهبي عقيدن تي قائم رهندي زال مڙس جهڙو رشتو سالن کاننڀائي رهيا آهن
نتاشا جو تازو ٻيو ڪتاب منهنجي ڌيء جي ماء جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي مسلمان مڙس جي روزن رکڻ دوران سحري افطاري جا احولا ڏنا آهن.نتاشا لکي ٿي ته هندو عورت ٿي مسلمان مرد سان شادي ڪيم ته سڀئي مٽ مائٽ پاڙي وارا پڇندا رهيا ته توهانجي زندگي ڪيئن ٿي گذري ڪيئن ٿا هڪٻئي جا عقيدا برداشت ڪيو.نتاشا موجب شادي جي ابتدائي ڏينهن ۾ ڏکيائون وڌي ويون هيون ڇو ته ڇڙائپ واري زندگي جو ڪاروهنوار ئي مٽجي ويو هو.
نتاشا رمضان شريف ۾ افضال جي روزن بابات لکيو آهي ته رات جو سمهڻ کان اڳ اسان پنهنجي پنهنجي موبائيلن ۾ الارم سيٽ ڪري ڇڏيندا آهيون.مونکي رات جو ٽين بجي اٿڻو پوندو آهي هن کان پندرنهن منٽ اڳ.رات جي گهپ انڌياري ۾ مينگو شيڪ ٺاهڻ لاء جڏهن انب جون ڦارون ڪٽي مڪسر ۾ وجهندي آهيان ته سناٽي ۾ مڪسر جو آواز به وڻندڙ لڳندو آهي.مينگو شيڪ ٺاهي ٽائيم ڏسي پنهنجي همراهه کي سڏ ڪندي آهيان.هن جي سحري ۾ هڪ گلاس ٿڌو پاڻي، هڪ مگ گهاٽو مينگو ملڪ شيڪ ۽ چانهن جو هڪ ڪوپ شامل هوندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن ته هو ننڊاکڙي انداز ۾ پنهنجي پيٽ تي هٿ رکي اشارو ڪندو آهي ته فل لڳو پيو آهي وري سمهي پوندو آهي.جڏهن هو اهڙا نخرا ڪندو آهي ته سندس حصي جو مينگو شيڪ به مونکي ئي پيئڻو پوندو آهي.سحري بعد ڪچڙي منجهند جو منهنجي نيرن ڪرڻ جو وقت ٿي ويدنو آهي نيرن ڪري ڪم ڪار سان لڳي ويندي آهيان.لنچ ڪرڻ مهل مان اڪثر راتوڪو بچيل ڊنر وارو کاڌو يا سحري جو بچيل کاڌو کائيندي آهيان.ان دوران افضال گهر ڀرسان واري آفيس پيو ايندو ويندو،پنهنجي ماڻهن سان مسلسل فون تي رابطي ۾ هوندو.نماز به پيو وقت سر پڙهندو.منجهند جو هن جي ڄنگهن ۾ سور پوندو ته ٻارن کي سڏ ڪري چوندو ڪير سندس ڄنگهن مٿان چڙهي ويهندو.؟ پوء ته سڀئي ٻار چڙهي ويندس.
جڏهن شام جا ست ٿيندا ته اسان افطار جي ڀرپور تيارين ۾ افضال پنهنجي آفيس جي ماڻهن سان فون تي پيو ڌاڍيان ڌاڍيان ڳالهائيندو.افطاري اسان ٽيبل تي لڳائي سڀئي سندس انتظار ۾ ويهنداسين.سندس پٽن يا نياڻي مان ڪير به سموسن يا کارڪن ۾ آذان کان اڳ هٿ نه وجهندو.جڏهن آذان ايندي ته روزو افطار ته افضال ڪندو پر اسان به سندس هٿ ونڊائڻ خاطر کارڪون کڻي وات ۾ وجهنداسين.هو روزو افطار ڪري تڪڙو نماز لاء نڪري ويندو پر پويان اسان سموري افطاري چٽ ڪري اٿنداسين.
اسان ٻئي ڪٻئي جي مذهبي عقيدن تي قائم رهندي به خوش زندگي پيا گذاريون.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter