سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

عرفانه ملاح جي ڪاميابي سان وي سي برفت لاء ڏکيا ڏينهن شروع.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/13/2018



تازو حوال ڏيڻ کان اڳ توهانکي ٻڌايان ته لاهوتي جي گذريل حوال تي منهنجي مٿان وڏي تنقيد ٿي هئي.هڪڙا چون ڳالهه ۾ وزن آهي پر ٻيا چون اجايو پيا ٿا منفي خبرون ڦهلايو.اهو حوال مون آسپاس کان ٻڌل خبرن موجب امر سنڌو ۽ سنڌو نواز بابت ڏنو هو.ڳالهه ته سچي هئي پر ماڻهن اچي هل هلايا ته منفي حوال آهي تنهنڪري هن ڀيري سوچيم ته ڇو نه توهانکي مثبت حوال ڏجي ته  سنڌ يونيورسٽي جي آسپاس ڪهڙيون خبرون پيون هلن.
سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم سوٽا جي ٿيل تازين چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر عرفانه مالح جو صوفي پئنل ڪامياب ٿيو آهي. جنهنڪري اڳواٽ ئي وڏين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت لئه  الارم وڄڻ شروع ٿي ويا آهن.وي سي برفت مٿان زويراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪجهه ڳجهن سببن ڪري ناراض آهي جنهنجي جهلڪ هن اينٽي ڪرپشن جي ٽيم موڪلي يونيورسٽي انتظاميا مٿان بي اعتمادي جو اظهار پڻ ڪيو آهي.چيو وڃي ٿو ته وي سي برفت ٻن سالن ۾ سئنڊيڪٽ جا گهربل اجلاس به نه سڏايا ۽ چڱي موچاري رقم ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏي.برفت دور ۾ ٿيل ڀرتين جو ريڪارڊ پڻ چڪاسيو پيو وڃي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهون دادو جي خاتون پي پي پي ايم پي اي جا مائٽ ڀرتي ڪيل آهن.
عرفانه ملاح ابتدا ۾ ته وي سي برفت جي آجيان ڪئي هئي پر هاڻي ٻنيه وچم اختلاف چوٽ چڙهيل آهن.لاهوتي کي مليل حوال موجب ڊاڪٽر عرفانه ملاح پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ته جيئن مناسب وقت ڏسي وي سي خلاف تحڙيڪ جي شروعات ڪجي.جڏهن ته ننڍن ملازمن جي تنظيم پنهنجو احتجاج شروع ڪري ڏنو آهي.ٻئي طرف لاهوتي کي مليل حوال موجب ڊاڪٽر عرفانه ملاح واري ڌر مٿان الزام آهي ته هنن ٻه ڪروڙ روپين تائين چندو گڏ ڪيو آهي ته جيئن وي سي شپ حاصل ڪرڻ لاء اگر مٿين همراهن کي پئسا ڏيڻا پون ته ڏجن.ان سلسلي ۾ جڏهن ڊاڪٽر عرفانه سان لاهوتي پاران رابطو ڪيو ويو ته هن ٽهڪ ڏيندي چيو ايترا پئسا هجن ها ته دنيا جو سير سفر ڪجي ها وي سي شپ وٺي ڇا ڪنداسين.
ڏسجي ته وي سي فتح محمد برفت ۽ سوٽا جي نئين چونڊيل قيادت وچم منهن مقابلو ڪڏهن ٿئي ٿو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter