سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سوا پھر جو سير “ جان محمد چن


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/13/2018


”سوا پھر جو سير “
جان محمد چن
تصوير ته شايد ڪافي وقت اڳ جي آھي پر اڄ جڏھن گئلري ۾ پيل ھن تصوير کي ڏٺم ته دوستن سان ونڊ ڪرڻ کان رھي نه سگھيس ڇو ته ”فقير“ عام فھم ۾ يا سماجي لغت ۾ پندڙ يا خيرات وٺندڙ کي سمجھيو ويندو آھي جيئن ته ان جي صدا ۽ ان جو ڏيک به شايد اھڙو ئي ھوندو آھي،ڦاٽل ساٽل گودڙي،گيڙو رتا ڪپڙا،حال زيور،تلڪ جڻيو مطلب ته مڪمل سيلاني ۽ سنياس وارو لڪاء ھوندو آھي جنھن کي عام نظر سان صرف سائل يا گداگر ئي چئي سگھجي ٿو پر ان محويت يا ان ڪيفيت جي ڄاڻ پڇاڻ ته ان طالب سيلاني کي ئي ٿي سگھي ٿي جيڪو ان سوا پھر جي سير ۾ گُم ھوندو آھي يا ان حال کي ڪو سالڪ ئي سمجھي سگھي ٿو جنھن حال لاء ڀٽ ڌڻي فرمايو آھي ته

جا گُـرَ ڏني گودِڙِي، سا مُون گَهڻِي سُهاءِ؛
نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِئين جي اَدَبَ سين
.
جيڪو مرشد جي طرف کان مليل گودڙي کي پنھنجي لاء سڀ کان سُھندڙ ۽ شاندار سمجھي ٿو ۽ ان کي ئي ان مارڳ،مڪان تي رسائڻ جو ذريعو سمجھي ٿو خير اھو پنڌ ته اڃان گھڻو پراھون آھي پر ھتي ذڪر ڪنداسين پنھجي طالب فقراء مان پراڻو ۽ جھونو طالب ممتاز علي چانڊيو جو جنھن جي شخصيت مڙني تنقيدن ۽ بحثن ھيٺ رھي آھي جنھن جي سير ڪرڻ واري انداز تي کوڙ سارن علم دوستن جو اعتراض به رھيو آھي ته اتفاق به پر ھيء تصوير جنھن ۾ ھي سھڻو ڪنھن تعليمي اداري لاء پنھنجي ھڙ مان گڏ ڪيل ڪجھ ٺڪريون ڪنھن تعليمي فنڊ لاء جمع ڪري رھيو آھي مان سمجھان ٿو ته ھي تصوير انھن سڀن سوالن لاء ٺھڪندڙ جواب آھي جيڪي دوست تصوف جي پنڌ کي صرف فراريت پسند ۽ ڪناره ڪشي جا عنوان ڏيندا آھن

پر ھي جھونو ان فرض شناسي کان ڀلا ڪيئن ٿو غفلت ڪري سگھي جيڪو ان ڪچھري جو سيوڪ آھي جنھن ڪچھري ۾ فقير سائين پنھنجي طالبن سان ھيئن مخاطب ٿيندا ھيا ته ”ادا منھنجي فڪر جو اصل پوئلڳ اھو ئي آھي جنھن جا سڀئي پاسا متوازن ھجن جيڪو وحدانيت سان گڏ ڪثرت سان به سلھاڙيل ھجي“سو ھي يار به فقير جي ان رھھنما سٽ جيان ته ”ملامت ملھاري ڇپر ڇانو ڀائيان“ ملامت جي ڇپر ڇانو ھيٺ سوا پھر جو سير ڪندو ٿو رھي پوء جيڪو کيس جنھن نظر سان ڏسي

نڪي کڻن پاڻ سين،نڪي ساڻن پاڻ
اھڙا جن اھڃاڻ،آء نه جيئندي ان ريء
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter