12/14/2018
ويب ڊيسڪ
انڊيا جي امير ترين امباڻي خاندان جي نياڻي ايشا امباڻي جي شادي کي دنيا جي ٻي مهانگي ترين شادي وارو ڪاڄ قرار ڏنو پيو وڃي.
امير ترين سيٺ مڪيش امباڻي جي 27 سالن واري نياڻي ايشا امباڻي جي شادي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست آنند پرمال سان ٿي.شادي جون رسمون پورو هڪ هفتو ممبئي ۾ جاري رهيون.جنهن ۾ آمريڪي سياستدان هيلري ڪلنٽن ۽ جان ڪيري کان ويندي بالي ووڊ جون اڪثر هيروئن ۽ هيروز شامل ٿيا.
امباڻي خاندان جي ان مهانگي شاندي بابت بزنيس آن لائين ڪاٿو لڳايو آهي ته هڪ سئو ملين آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا.جڏهن ته 37 سال اڳ ليڊي ڊائنا جي شادي تي110 ملين ڊالر خرچ ٿيا هئا.
امباڻي خاندان متعلق ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهي گجرات جا سنڌي سيٺ آهن پر امباڻي خاندان ڪڏهن به پاڻ کي سنڌي نه سڏايو آهي.