سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪاوش گروپ ۾ رهجي ويل ڪامريڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/14/2018


لاهوتي کي مليل حوالن موجب جڏهن کان ڪاوش جو اڳوڻو ايڊيٽر علي قاضي اداري کان ڌار ٿيو آهي تڏهن کان سندس ايڊيٽوريل ٽيم جا اڪثر ميمبر وقفي وقفي سان وڃي ساڻس ملاقات ڪري آيا آهن.انهن مان اڪثر معزز ميمبرن ته سندس نئين اداري ۾ جوائن به ڪري ورتو آهي پر سندس ٻه پراڻا ڪامريڊ نياز پنهور ۽ ناز سهتو اڃان تائين ساڻس ملاقات نه ڪري سگهيا آهن.لاهوتي کي مليل حوالن موجب ڪاوش جو نيوز ايڊيٽر نياز پنهور ته پنهنجي اڳوڻي ايڊيٽر کي آٿت يا ڪو  دلاسو ڏيڻ واري ڪا فون ڪال به نه ڪري سگهيو آهي.جيئن ئي اداري مان هو فارغ ٿيو ته عملي طور ڪاوش جي ايڊيٽر جي سيٽ نياز پنهور سنڀالي ورتي آهي.
جڏهن ته ڪي ٽي اين حيدرآباد جي رپورٽر ناز سهتو پڻ پنهنجي اڳوڻي باس کي نئين اداري ۾ جوائن نه ڪيو آهي.سندس سمورا پراڻا ساٿي اشفاق آذر،نصير گوپانگ،فيض کوسو،دود چانڊيو،ممتاز بخاري،نثار کوکر،نور جوکيو،سجاد سهاڳ ۽ ٻين ڪئمرامينن ۽ ايڊيٽنگ وارن به علي قاضي جي نئين اداري کي جوائن ڪيو آهي پر ناز سهتو ۽ نياز پنهور پنهنجي پراڻي اداري ۾ خوش خوش نظر اچن ٿا.جيڪو سندن جمهوري حق پڻ آهي..لڳي ٿو ته علي قاضي جا اهي ٻئي پراڻا ڪامريڊ صنعتي دور جي ان چوڻي تي عمل پيا ڪن جنهن موجب ملازمن لئه چيل آهي ته باس بدران ڪمپني سان پيار ڪيو ته بهتر ڏينهن گذاريندا.....

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter