سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ناول نگار اميتاوگهوش کي اعلي ادبي ايوارڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/14/2018

ويب ڊيسڪ
انگريزي ناول نگار اميتاوگهوش کي انڊيا جو اعلي ادبي ايوارڊ جننپاٿ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايوارڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه ۽ ناول نگار پرتڀاراء اهڙو اعلان جمعي ڏينهن ڪيو.
سليڪشن ڪميٽي جي بيان موجب اميتاو گهوش جو نثر تاريخي پس منظر کي هاڻوڪين حالتن سان ائين ٿو جوڙي جو سندس ڪمال ڪاريگري نمايان ٿئي ٿي.هن جي تعليمي تربيت تاريخ ۽ انٿروپولوجي ۾ هئڻ سبب سندس نثر ۾ گهرائپ نظر اچي ٿي.
ناول نگار اميتاوگهوش 1956 ۾ پئدا ٿيو.هن جي لکيل ناولن ۾ سرڪل آف ريزن 1986 ، شيڊو آف لائينز 1988، دي ڪلڪته ڪروموسوم 1995 ۽ سي پوپيز 2008 شامل آهن.گهوش کي 2007 ۾ پدما شري ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.
اعلي ادبي ايوارڊ ملڻ تي ناول نگار اميتاوگهوش سليڪشن ڪميٽي جو ٿورو مڃيندي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته اهو سندس لاء زبردست ڏينهن آهي جو سندس نالو ايوارڊ جي ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جتي انهن ليکڪن جا نالا آهن جن کي پڙهي هن لکڻ سکيو هوندو.
انڊيا ۾ مختلف ليکڪن کي اهو ادبي ايوارڊ گذريل 54 سالن کان ڏنو پيو وڃي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter