سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

عيني کي ڪتابن ڪيئن ماري ڇڏيو . ؟ خالد ڪنڀار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/14/2018

هن سنڌ کي رچرڊ ايف برٽن جي اک سان ڏٺو هو . هو جڏهن به سنڌ تي ڳالهائيندي هئي ته اڪثر چوندي هئي برٽن صاحب لکيو آهي ته ۽ پوءِ هو برٽن جي ڪتابن جا حوالا ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو برٽن جو ڪتاب کڻي ويهي رهندي هئي. پوءِ انهي ڪتاب جي پنن جا پنا پڙهي ٻڌائيندي هئي. گڏو گڏ ترجمو به ڪندي ويندي هئي. هو جڏهن آمريڪا ۾ هوندي هئي ته اتان جي لائبريرين جا ڦوٽو ڪڍي موڪليندي هئي. انهن ڦوٽن ۾  سنڌي سيڪشن جا ڦوٽو به هوندا هئا. چوندي هئي ڏس سنڌي ڪتاب هتي به موجود آهن. پوءِ ڪجهه ڪتابن جا پنا واٽس ايپ ڪري چوندي هئي. هنن جو اردو ۾ ترجمو ڪري پنهنجي آواز ۾ ڀري موڪلي ڏي. ڪڏهن ڪڏهن وري اتان ئي آمريڪا مان هن جا خط ميل ۾ ايندا هئا. انهن ۾ هو لکندي هئي ته ڏس ائين ناهي ته ڪو آمريڪا وڏو سڌريل ملڪ آهي .هتي جا به ڪارا گورن جي اڳيان هيٺئين درجي جا شهري آهن . پوءِ ڪارا آمريڪا ۾ ڪئين آيا ڇا ٿيو ڇا نه ٿيو سڀ لکندي هئي. هو ڪارن سان گورن جي روين تي به لکندي هئي. هن کي خط لکڻ جو وڏو آرٽ هو .
هن شمرن اليڪسي ريڊ انڊين شاعر جي هڪ ڪهاڻي ته مونکي ڪئين دفعا موڪلي هي پڙهه ۽ ترجمو ڪر شمرن اليڪسي جي انهي ڪهاڻي ۾ هو لکي ٿو ته منهنجو پيءِ اڪثر ڪري گاڏي هلائيندي فٽ پاٿ تي ڪنهن ريڊ انڊين کي ڏسندو هو ته انهي کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻندو هو. انهي ڳالهه تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. هو ريڊ انڊين کي پريان بيٺي سڃاڻي وٺندو هو.آئون پنهنجي پيءِ کي روڪيندو هئس ته ائين ڇو ٿو ڪرين . اسين هاڻ گورن جي رنگ ۾ رنگجي ويا آهيون.هو اسان جي دل ۾ وسن ٿا. انهي ڪري انهن ريڊ انڊين کي ڇڏ. منهنجو پيءِ مونکي چوندو هو ته اهي گورا توکي ڪڏهن به پنهنجو نه ڪندا. انهن کي جڏهن به تو مان سامن مڇي جي خوشبو آئي ته اهي توکي گولي به انهي دل ۾ هڻندا جنهن دل ۾ تون هنن کي وسائي ويٺو آهين.سامن مڇي جنهن تي ڪنهن زماني ۾ ريڊ انڊين قبيلي جو گذر سفر هو. هن کي اهو آمريڪي شيدي رائيٽر تيجو ڪول به وڻندو هو . جيڪو پڪٽوريل رائيٽر آهي. جيڪو تصوير کي سامهو رکي ليک لکندو آهي. هن انهي جا ڪيترائي چيپٽر پڙهي ٻڌايا هئا.
هو جيتري گهڻ پڙهي هئي . اوتري ئي وري اڪيلي ۽ رولاڪ هئي. مون جيترن به ٻاهرين يا ملڪي صحافين سان گڏجي اسٽوريون ڪيون آهن. انهن ۾ هي سڀني کان چڙهيل جنوني هئي. فيلڊ جرنلزم ڇا ٿيندو آهي . اهو مون هن کان گهڻو سکيو. آخري وقت تي هي ”ستين “تي ڪتاب لکي رهي هئي. انهي سلسلي ۾ اسين جام رلياسين جتي ستين جي آستان جو ڏس پوندو هو . هن جي فون اچي ويندي هئي. ائين اسان لڳ ڀڳ سنڌ جي چئن  پنجن ضلعن ۾ ستين جو ڪوبه آستان ڪونه ڇڏيو. ڪراچي کان وٺي کاروڙي تائين . جتي ويندا هئاسين . اتي پورو هڪڙو داستان هوندو هو . هفتي جي فيلڊ کانپوءِ وري قصر اي زينب واري انهي اپارٽمينٽ ۾ اها ڊاٽڪي ۽ سنڌي واريون سموريون آڊيون مونکي ترجمون ڪري اکر اکر هن کي لکرائڻيون هونديون هيون. پوءِ نه ڏسندي هئي رات نه ڏينهن اڌ ڪلاڪ سمهي وري اهو ترجمي وارو ڪم لڳي پئي هوندي هئي. وري لطيف جي رسالي ۾ ستين جا بيت ڳولڻا وري سائين سنڌي ۾ ڪٿي به ڪو حوالو يا ڪجهه به ستين تي لکيل هجي . پر هن ڪتابن ۽ فيلڊ ۾ ستين جي حوالي سان جيترو مواد هو اهو گڏ ڪيو. ويندي. بلوچستان به ستين جي آستان پٺيان وئي. هڪڙي ڏينهن ته مٺي ۾ شمشان گهاٽ ڏانهن هندو ڪو جنازو کڻي پئي ويا. پوءِ اسين به گڏ اهو سڄو جلائڻ وارو عمل رڪارڊ ڪيائين ۽ ڦوٽو ڪڍيائين.
بس هو هڪڙو جنون هئي. هڪڙي چريائي هئي. پنهنجي فيلڊ سان ايترو جنون مون ڪٿي به ڪونه ڏٺو. هن جو گهڻو وقت آمريڪا ۾ گذرندو هو هتي ايندي هئي ته وري فيلڊ ۾ گذرندو هو. ويندي نهٽي ۾ رهي. ڪٿي ڪٿي ته صفا ائين ٿي ويندي هئي. نهٽي ۾ چوي مونکي بيکي جوڳي جي پاڙي ۾ جوڳين سان گڏ رهڻو آهي. هاڙ وارو ستين جو آستان جيڪو هڪڙي وڏي ڊوهي ڄار ۾ آهي. هي اتي انهي ڄار جي گهاٽي ڇانءِ ۾ ويهي رهي. چوي هتي مونکي صبوح جو ڇڏي وڃ وري شام جو اچي کڻجان اهڙي هئي اسان جي عيني علي خان .
هو گهڻو ڪري انٽرنيشنل ميگزينس ۾ لکندي هئي. هتي وري ٿورو گهڻو ڪم هن هيرالڊ ۽ ڊان لئه به ڪيو. هو پنهنجي انهي فيلڊ اسٽوري جو به ذڪر ڪندي هئي. جنهن تي هن کي ايوارڊ به مليو هو . ٽرڪن واري اها اسٽوري هيرالڊ ۾ ڇپي هئي. هو اڪثر ڪري ڪبوتر بازن تي ڪيل انهي اسٽوري تي به ڳالهائيندي هئي. جيڪا ڇهه مهينا هن جي ليپ ٽاپ ۾ پئي هئي. هن کي انهي اسٽوري جو ڪلائيمڪس نه پئي مليو. پوءِ جڏهن پنجاب جي هڪڙي ڪبوتر باز هن کي ٻڌايو ته هنن جو ڪبوتر اڏندو ڪئين سرحد پار هليو ويو هو. اتان وري ڪئين واپس آيو . اها اسٽوري به ڪمال جي هئي. هن رمضان بلوچ سان گڏجي لياري تي به جام ڪم ڪيو . هڪڙي ڏينهن مونکي هو لياري وٺي وئي. اهو پهريون دفعو آئون لياري ويو هئس. اتي هڪڙي هوٽل تي هن اسٽوري ڪئي. جتي اڪثر ڪري بلوچستان جا وڏا وڏا قومپرست اڳواڻ ايندا هئا. هو نانگ بابا جي اها اسٽوري ته ڪونه لکي سگهي . پر هو مونکي ڪراچي ۾ انهي نانگ بابا جي درگاه تي وٺي وئي هئي. جتي ڇهه ست گڏ قبرون ٺهيل هيون . جن قبرن جو هڪڙو پاسو مڪمل کليل هو. اها درگاه به شيدي ۽ خاصخيلن جي ڳوٺ ۾ هئي. هرڪو ماڻهو اتي بيضا کير ۽ لوڻ کڻي ايندو هو . انهن قبرن جي اندر رڳو بيضن جو کلون پيل هيون. انهن قبرن ۾ هڪڙو نانگ رهندو . جنهن کي اهي بيضا کارايا ويندا هئا. انهي درگاه تان لوڻ سکان لئه ايندڙ عورتون تبرڪ طور کڻي وينديون هيون .دي مسنگ ڊاٽر آف پاڪستان به هن جي هيرالڊ ۾ ڪور اسٽوري هئي. اها به ڏکي اسٽوري هن ڪئي هئي.
هن ميگزين رائيٽ اپ تي آمريڪا مان پڙهيو هو.هوجيڪو ڪتاب ڏيندي هئي انهي تي پڇندي هئي ته تو هن ۾ ڇا ڇا پڙهيو. جڏهن آمريڪا ويندي هئي ته اٺ ڏهه ڪتاب ٽي سي ايس ڪري ويندي هئي.
رات جڏهن حسن مجتبئ ٻڌايو ته پيارا جوڳي اسانجي دوست عيني علي خان هن دنيا ۾ ناهي رهي . تڏهن مون فون ۾ رڳو هڪ ڏينهن اڳ آيل هن جو ميسيج پڙهيو . جنهن ۾ هن ٿر اچڻ ۽ هيمڏان چارڻ سان اڃان وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ جو چيو هو . پر هن جي موت جي خبر ملڪي صحافين واٽس ايپ تي وائرل ڪري ڇڏي هئي ته عيني علي خان ناهي رهي. هن جي اپارٽمينٽ ۾ ڪتاب کي باه لڳل هئي. جنهن جي دونهين جي گهٽ ۾ هو مري وئي.هو انهي قصر زينب واري اپارٽمينٽ ۾ اڪيلي رهندي هئي. هن جو شايد اهو مٽي جو تباڪ مٽي جو گلاس ۽ مٽي جو ڪوپ انهي اپارٽمينٽ ۾ هجن . اهو مٽي جو تباڪ جنهن ۾ هو چانور ۽ ڀاڄي ملائي کائيندي هئي. هن جي انهي ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڪيتريون اسٽوريون اڻ پوريون ڪلائيميڪس جي انتظار ۾ پيو هونديون. ڪيتريون ئي اسٽوريون آڊيو رڪارڊنگ ۾ هونديون .هن جي ڪتابن جي باه کي اهو سمنڊ به ڪونه روڪي سگهيو. جيڪو به هن وانگر تنها هو . هن کي ڪتابن جي باه ماري وڌو. لکن ٿا ته هن خودڪشي ڪئي. ٿي سگهي ٿو هن وٽ خودڪشي لئه ڪي سبب هجن پر هن وٽ انهي کان به گهڻو جنون لکڻ لئه هو . هن جو ستين تي اهو ڪتاب شايد هاڻ ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهي . عيني علي خان ملڪي مشهور ماڊل مان ليکڪ ڪئين ٿي . اها به ڪهاڻي آهي. هن جا ٽي وطن هئا. ورهاڱي کان اڳ هندستان پوءِآمريڪا  ۽ پاڪستان پر هاڻ هو جو وطن هڪڙي اڪيلي قبر آهي. اها قبر به هن وانگر تنها آهي.هن کي ڪتابن جي جنون  ماري ڇڏيو.اها  قبر هاڻ انهن سڀني جي دل ۾ رهندي جن سان هو ملي هئي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter