سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪوئلي جي ڪاروبار جو پهريون شهيد شمس شيخ اينگرو ڪمپني جي ناڪامي جو بار سنڌ حڪومت مٿان ڪيئن وڌو.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/15/2018

ڪوئلي جي ڪاروبار جو پهريون شهيد شمس شيخ
اينگرو ڪمپني جي ناڪامي جو بار سنڌ حڪومت مٿان ڪيئن وڌو.؟
آڪاش هميراڻي
ٿر ۾ جيڪا اينگرو ڪمپني مقامي ٿرين لئه ايسٽ انڊيا ڪمپني بڻجي وئي هئي ان جي سربراهه شمس شيخ پنهنجي وعدي واري بجلي نيشنل گرڊ ۾ ڏيڻ کان اڳ استعفي ڏئي ڇڏي.هن انٽرويو ۾ سنڌ حڪومت مٿان الزام هڻندي چيو ته هو ٿرين جي حقن خاطر استعفي ڏئي رهيو آهي.جڏهن ته ٿرين کي شمس شيخ جا اهي دڙڪا دهمان به ياد آهن جن ۾ هن چيو هو ته جيڪي احتجاج ڪن ٿا انهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان گرفتار ڪرائيندس.ڪمپني سرڪار جي سنڌي وائسراء آخر اوچتو پنهنجي استعفي ڇو پيش ڪئي.؟
ٿر جنهن جي سُڃاڻپ لوڪ ڏاهپ، مهمانوازي، رواداري، ڪارونجهر جبل سميت اُهي سڀئي اهڃاڻ رهندا پئي آيا آهن، جنهن جوماضي حسين ۽ شاندار رهيو آهي، 1990 ۾ ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جو مُلڪ ۾ وڏي ۾ وڏو ذخيرو ملڻ ۽ 19 جنوري 1995 ۾محترمه بينظير ڀُٽو پاران ٿر جي ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽو ۾ اچڻ کانپوءَ هي خطو اهميت اختيار ڪري ويو پر انفرادي سگهه توڙي عام ماڻهوجي زندگي ۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگهي، 2014ع ۾ جڏهن سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سنڌ اينگرو  ڪول مائنگ ڪمپني (SECMC)  بلاڪ 2 تي ڪوئلي جي کوٽائي شروع ڪئي ته ٿر جي ماڻهن کي ترقي جا سبز باغ ڏيکاريا ويا، سنڌ اينگرو ڪول مائنگ جو چيف ايگزڪيٽو شمس الدين شيخ ڪوئلي جي کوٽائي سبب متاثرن جي بحالي لاءَ وڏن پئڪيجن جا اعلان ڪري پاڻ ڪوئلي جي کوٽائي جي تڪميل کان اڳ ئي استعيفا ڏئي ڪمپني کي الوداع ڪري چڪو آهي، شمس شيخ آخر استعيفا ڇو نه ڏني؟ اُن جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ شمس شيخ جي استيعفا سان پروجيڪٽ، مقامي ماڻهن ۽ نام نهاد ترقي تي ڪهڙِا اثر پئجي سگهن ٿا؟ اچو ته اُن جو جائزو وٺون.
ٻه سال اڳ جڏهن ڪوئلي جي کوٽائي دوران زير زمين پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءَ ڪمپني سرڪار سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ هٿ وجهي بنا ڪنهن ضروري ڪاروواين جي گوڙاڻي جي ڏهر ۾ زبردستي پاڻي ڇوڙ پئي ڪرڻ تان ڪمپني هروڀرو پاڻ کي تڪراري بڻائي سڄي سنڌ کي احتجاجي تحريڪ ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ شمس شيخ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هيائين ته ”بلاڪ 2 مان ڪوئلو ڪڍڻ منهن جي ذميواري آهي، ڪوئلو نڪرڻ سان ملڪ ته ترقي ڪندو پر ٿرپارڪر جو خطو ترقي يافته خطو ضرور بڻجندو، 20 سيڪڙو گهٽ خرچ تي کوٽائي جو ڪم مڪمل ڪيو پيو وڃي، بجلي گهر تي سوا کرب روپيا خرچ ٿيندا، ھلندڙ سال (يعني هن سال) جي آخر ۾ 660 ميگا واٽ جو پهريون يونٽ بجلي ٺاهڻ شروع ڪندو، 20 آڪٽومبر جي رات 8 لڳي 10منٽ تي ڪوئلو ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين ۽ بجلي گهر کي سپلائي شروع ڪنداسين ۽ بجلي جو پهريون ڪرنٽ ھلندڙ سال جي آخري مھيني ۾ نيشنل گرڊ ۾ ڏينداسين، جيڪڏهن ڪوئلو نه نڪتو ته مان خودڪشي ڪري ڇڏينس’’، انهي تناظر ۾ جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته شمس شيخ جي دعوي ڪوڙي ثابت ٿي ۽ ناڪامين کان بچڻ لاءَ استعيفا کانسوا ٻيو ڪو چارو ڪونه هو، گوڙاڻو ڊئم واري معاملي ڪمپني کي تڪراري بنائڻ سان گڏوگڏ ڪمپني تي عام ماڻهو جو ويساهه کڻائي ڇڏيو هو، نتيجي ۾ ڪمپني ادبي ميلن کي اسپانسرشپ ڏئي سندن ترقي جا ماڊل پيش ڪرڻ لا هڪ طرفا سيشن رکرائڻ جي ڀرپور ڪوششن باوجود ناڪام نصيب ٿي، هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ڪوئلي کي گئس ۾ تبديل ڪندڙ هڪ ٻيو منصوبو انڊر ڪول گئسيفڪيشن (UCG) ۾ ڪرپشن جي جاچ نيب حوالي ڪئي وئي ته اُن جا اثر ٿر ڪول تي ڪم ڪندڙ ٻين ڪمپنين تي پُڻ پون ٿا ڇاڪاڻ جو منصوبا اربن جي لاڳت باوجود ڪمپنين جي مقرر وقتن ۾ ڊيگهه پُڻ هڪ سوال پيدا ڪري ٿي، شمس شيخ استيعفا بعد مُلڪ جي مشهور اخبار ڊان کي انٽرويو ۾ سنڌ حڪومت تي الزام هڻندي چيو ته “سنڌ حڪومت جي ٿر جي عام ماڻهو ڏانهن عدم دلچسپي ۽ اڍنگي رويو منهنهي استعيفا جو سبب بڻيو آهي”. سنڌ حڪومت جي ڪمن جهڙوڪ زمين جي کپت(land acquisition)، زير زمين پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لا مناسب ڄڳهه جي چونڊ توڙي ڪيترن ئي سرڪاري معاملن ۾ شمس شيخ جي مداخلت اُن جي مايوسي جو سبب بڻي، جنهن جو نتينجو سندن ئي استعيفا تائين وڃي پُهتو، ڪن ڪمپني جي ماڻهن جو خيال اهو به آهي ته ڪمپني جي اندروني معاملن جي ڪري شمس شيخ ڪمپني کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته شمس شيخ جي استعيفا جو ڪمپني، پروجيڪٽ ۽ ڪوئلي سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي زندگي ته ڪهڙو اثر ٿيندو.
هڪ عجيب ڳالهه اها به سامهون آئي آهي ته شمس شيخ جي استعفي بعد گوڙاڻو ڊئم خلاف احتجاج پڻ نظر نٿو اچي.ڪٿي ڪمپني جي نئين وائسراء ابوالفصل رضوي ڪو چمتڪار ته نه هلايو آهي.اينگرو ڪمپني سنڌ حڪومت سان گڏجي جيڪي وعدا ڪيا هئا سي ته پورا نه ٿي سگهيا.جن مان ڪوئلي واري سائيٽ کان ڪوئلو کڻي وڃڻ واري ريل جي پٽڙي يا ريل هلڻ جو ڪم آهي.اينگرو ڪمپني جي ان پروجيڪٽ سان ٻين جو ڀلو ٿئي نه ٿئي وزيراعلي سيد مراد علي شاهه جي ڀيڻ جيان گهڻن ئي صحافين دانشورن جي اولاد ۽ مٽ مائٽ روزگار سان لڳي ويا.باقي رهيو ڪوئلو ۽ ٿري سي ته ايندڙ جنمن تائين مختلف ڪمپنين سان جنگ ۾ هودنا ڇو ته ٿر مان ڪوئلو نڪرڻ سان ئي ٻارنهن ٻيون ڪمپنيون ائين اچڻ واريون آهن جيئن ڪوهستان ۾ ونڊ انرجي جا ٽاور لڳڻ کانپوء مقامي ماڻهون آزار ۾ آهن ۽ ڪمپنيون کين لڏي وڃڻ يا ڪمپني جي اصولن تي هلڻ جو پابند پيون بنائڻين.سو اينگرو ته ٿر ۾ ئي ڪم ڪندي هڪڙو شمس شيخ ويو ته ڪو ٻيو وائسرء اچي ويندو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter