سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

کاٻي ڌُر واري سياست کي نئون اڀار ڏيندڙ ڪامريڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/15/2018

آسي ڀٽو
ڪامريڊ فانُوس گجر جو نالو ذهن تي اچڻ سان ئي مون کي  هن غلامدار۽ طبقاتي سماج جو عڪس ذهن تي تري ٿو اچي ڇاڪاڻ ته فانوس جو تعلق جنهن ڪميونٽيءَ سان هو ان کي ڪي پي ڪي يا گلگت ۾ انتهائي گهٽ درجي وارو سمجهيو وڃي ٿو. اها ٻي ڳاله آهي ته اسان اهڙين روايتن کي ٽوڙڻ چاهيون ٿا پر ڪامريڊ فانوس  جنهن گُجر ذات سان تعلق رکندو هو ان کي نه فقط گهٽ  ڏٺو وڃي ٿو پر ان سان سلوڪ به اهڙو ڪيو ويندو آهي، جيئن  پنجاب جي اندر لاهوري  ۽ گجرانوالي وڏا چوڌري صادق آباد، ميانواليءَ، اوڪاڙه  ۽ رحيم يار خان جي سرائڪين سان تعصب سان پيش اچن ٿا يا جيئن سنڌي سماج ۾ اڪثر وڏيرا  هٿراڌو بڻايل نيچ طبقي وارن سان پيش اچن ٿا .جيتوڻيڪ اهي ماڻهو ان ڌرتيءَ ۽ سماج جا اصل  وارث آهن  پر سچ اهو آهي ته تاريخ  ظلم، جبر ۽ حاڪم سان نه پر جدوجهد ۽ ڪردار سان جُڙي ۽ ڳالهائي ٿي سو ڪي پي ڪي جي تاريخ ۾ ولي خان کان پوءِ جيڪو عوامي ليڊر ثابت ٿيو اهو ڪامريڊ فانوس گجر ئي ثابت ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪم ۽ جدوجهد الڳ جاءِ تي پر سندس فوتگيءَ تي ولي خان کان پوءِ جيڪو عوامي سمنڊ اٿلي پيو سو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪامريڊ فانوش جي سياست جون پاڙون پنهنجي ماڻهن ۾ هيون.
جيئن تاريخي طور پيڙهيل طبقن منجهان ئي نمايان ڪردار پيدا ٿيا آهن اهڙيءَ ئي ريت ڪامريڊ فانوس به ان  تاريخي سچ جو تسلسل آهي. ڪامريد فانوس گجر کي سياست جي سُتي شاگرديءَ واري دور ۾ پئي پاڻ ترقي پسند ساگرد سياست ۾ سرگرم رهيو ان کان پوءِ وقت، گهرجن ۽ عمر جي تقاضائن سان گڏوگڏ هن کاٻي ڌر جي سياست ۾ باقائده پير پاتو. هن جي زندگيءَ جدوجهد جو اهڃاڻ آهي پر پاڻ ويجهي عرصي ۾ ڏسون ته  پختون تحفظ موومينٽ ۾ انتهائي سرگرم رهيو جنهن سبب ڪامريڊ گرفتار پڻ ٿيو. پاڻ اوڪاڙه ۾ هارين سان ظلم ۽ جبر تي مسلسل تحريڪ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. ڪامريڊ فانوس پنڊيءَ ۾ ڪچيءَ اباديءَ ۾ هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ ۽ اتي نثار پلازه جوڙڻ تي گرائونڊ تي مزاحمتي ڪردار جيان موجود رهيو. پاڻ ڪي پي ڪي ۾ هر قسم جي اتنهاپسندي خاص ڪري عورتن جي آزاديءَ ۽ سياست ۽ عقيدي کي الڳ الڳ انداز سان سمجهڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي، جنهن سبب نه فقط ڪامياب ٿيا پر اتي کوڙ سارا ماڻهو پيدا ڪيا جيڪي اڄ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن، فانوس گلگت بلتستان اندر ترقي پسند، سيڪيولر ۽ کاٻي ڌر جي سياست جا جيڪي رستا جوڙيا ان ڪم سبب کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
جيتوڻيڪ ان ئي علائقي جو هڪ ٻيو اڏول ڪردار ڪامريڊ بابا جان ڪوڙن الزامن جي ڪري جيل اندر آهي پر گلگت اندر جيڪا جدوجهد رهي  ان ۾ ڪامريڊ فانوس جو ڄمي بيهڻ ۽ اتان جي فرسوده روايتن کي للڪارڻ سبب هو  ظالمن جي اک ۾ ڪنڊي کان گهٽ بلڪل به نه آهي. ان لازوال ڪردار جي ڪري سوين نوجوان پيدا ٿيا آهن اُتان جيڪي اتي لازوال انداز سان ڪم ڪندي بابا جان جي ڪم جو متبادل بڻجي رهيا آهن، سچ اهو آهي ته ڪامريڊ فانوس گجر هڪ معصوم طبعيت انسان هو، هڪ جي اکين ۽ ذهن ۾ بنا رنگ، نسل، عقيدي، ذات، قوم، هر قسم جي جبر ۽ انتهاپسندي ۽ اڻ برابري کان صاف ۽ شفاف، ترقي پسند، سيڪيولر، روشن خيال ۽ برابريءَ جي بنيادن تي ٻڌل صحتمند جديد سماج جي اڏڻ جو هڪ شاهڪار ۽ لازوال خواب هو جنهن جي ساڀيان لاءِ پاڻ شارٽ ڪٽ بدارن زيرو کان ڪم شروع ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي پسند، سيڪيولر، روشن خيال ۽ طبقاتي نظامي جي خاتمي لاءِ عملي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ عوامي ورڪرز پارٽيءَ جو مرڪزي صدر بڻيو.
سچ اهو آهي ته پاڻ وٽ اڪثر طور ليڊر ته ٿيڻ جو خواب جام ۽ عام هوندو آهي پر ليڊر هوندي ڪيرُ ڪارڪن ٿي ڪري ڪم ڪري اهو پاڻ جهڙِي سماج ۾ ڏاڍو مشڪل ۽ اوکو ڪم آهي پر ڪامريڊ هڪ ئي وقت ليڊر به هو ته هڪ ڪارڪن به هو، پاڻ سخت بيمار هوندي به پوري ملڪ جي هر هڪ يونٽ جو دورو ڪري ٿو ۽ مون کي ياد آهي مون کان پڇي ٿو ڪامريڊ آسي آپ بتائُو آپ موجوده وقت مين پارٽي ڪو ڪهان ديک رهي هو اور پارٽي اور ڪامون ڪو اس سي بهتر ڪيسا بنايا جائي ۽ آئون پنهنجي راءِ ڏيڻ شروع ڪريان ٿو ته ايترو ته متوجه ٿي ٻڌي ٿو جو آئون ڳالهائيندي ڳالهائيندي حيرت ۾ رهجي ويس ته سماج ۾ اهڙا شخص به هوندا آهن؟!
سماج اندر شاگرد سياست، سياست جي حوالي سان نرسريءَ جو ڪردار ادا ڪندي آهي سو ڪامريڊ فانوس به ان نرسريءَ جو هڪ خُوشببودار گل هو جنهن جي خوشبو پوري سماج ۾ ڪردار جي شڪل ۾ ڦهليل آهي، سچ اهو آهي ته وقت جي وهڪرن منجه عروج ۽ زوال ايندا آهن، ماڻهو مرندا ۽ ڄمندا آهن، خوشيون ۽ غم ايندا آهن ۽ انهن آيل غمن ۾ انهن صفن ۽ تنظيمن تي اهو لازم ٿئي ٿو ته هڪ انسان هجڻ جي ناتي ڏک ضرور ڪري پر ڏک جو ماتم ڪندي ڪم کي ڦٽو نه ڪرڻ گهرجي هُونئن به ڏسجي ته نج ترقي پسند، سيڪيولر، روشن خيال، فڪري ۽ نظرياتي تنظيمون ڏک ۽ وڇوڙي جي کوٽ کي اجتمائي طاقت ۽ عوامي سمنڊ سان پنهنجو منفرد ۽ نرالو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪندي پنهنجا عظيم ۽ شاندار ڪم پائي تڪميل تي پهچائينديون آهن، جنهن کان پوءِ انهن جي اها کوٽ، خال ۽ وڇوڙي جي گهاءُ پوڙو ٿيندي انهن انمول انسانن کي حقيقي ڀيٽا جي پڻ آهن، اسان پر اميد آهيون ته مون سميت سموري صف جا ساٿي ان ڪامريڊ جي ڇڏيل فڪر ۽ ڪردار کي روان دوان رکندا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter