12/15/2018
ويب ڊيسڪ
آفريڪي ملڪ گهانا جي هڪ يونيورسٽي ۾ لڳايل مهاتما گانڌي جو مجسمو مقامي استادن ۽ شاگردن جي احتجاج بعد ڪئپمس مان هٽايو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ استادن جو چوڻ آهي ته گانڌي نسل پرست هو تنهنڪري سندس مجمسو هٽايو وڃي.
مهاتما گانڌي کي برطانوي راڄ خلاف عدم تشدد واري جدوجهد ڪرڻ سبب ويهين صدي جو وڏو ليڊر سمجهيو وڃي ٿو ۽ سندس مجمسا هندستان توڙي برطانيا ۾ لڳل آهن پر آفريڪي ليکڪن ۽ تاريخدانن کيس نسل پرست قرار ڏيندي سندس مجمسو هٽائڻ لاء جدوجهد ڪئي.
گهانا يونيورسٽي جي تاريخ جي استادن ان ڏينهن يعني 2016 کان ئي اها جدوجهد شروع ڪئي هئي جڏهن گانڌي جو مجسمو لڳايو ويو هو.سندن چڻ هو ته گانڌي نسل پرست هو آفريڪي ڪارن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو.انهن استادن گانڌي جي جواني وارن ڏينهن ۾ لکيل اهي دستاويز هٿ ڪيا جن ۾ هن آفريڪي ڪارن کي ڪافر ۽ انڊين کي انهن کان اوچو يا اعلي نسل وارو قرار ڏنو آهي.
گهانا ۾ وڏي عدالتي جدوجهد بعد گذريل اربع تي مهاتما گانڌي جو مجمسو هٽايو ويو آهي جنهن جو جشن پڻ ملهايو ويو.گهانا يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته آفريڪا جي يونيورسٽين ۾ پهريان آفريڪي هيروز جا مجسما لڳايا وڃن پر گانڌيو جو مجمسو هرگز نه لڳايو وڃي ڇو ته گانڌي نسل پرست هيو.