سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي.. عمرڪوٽ جي گورکومل ڪراچي ۾ انجنيئرنگ ڪيئن ڪئي.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/16/2018

 

عمرڪوٽ جي گورکومل ڪراچي ۾ انجنيئرنگ ڪيئن ڪئي.؟
دسرت ڪڏيچو
اسي واري ڏهاڪي ۾ آمد رفت ذريعن جي واڌ سبب ٿرپارڪر ڊويزن جي اڪثر ماڻهن ٻني ٻاري کانسواءِ شهرن ڏانهن نڪري ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٿر جا اڪثر ماڻهو ڪراچي ۾ سلائي جو ڪم يعني گارمينٽس فيڪٽرين جو رخ ڪندا هئا جتي ٻيون ته سهولتون نه هيون پر اُجرت مناسب ملندي هئي تنهن ڪري ماڻهن جو وڏو انگ اجگر شهر ۾ ٻين هنرن بدران گارمينٽس فيڪٽرين ۾ ئي اٽڪي رهجي ويو. ان وقت نوجوان  گوهر ، گارمينٽس فيڪٽري بدران تعليمي سَند کانسواءِ سائنسي ڪم ڪرڻ ۾ نه رڳو خواهش ڏيکاري هئي پر هن حقيقي طور ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 32سال انجنيئرنگ ڪري ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.

گوهر آٽوورڪس انجنيئرنگ سان لاڳاپيل هئڻ ڪري لوهه ڪٽي سنوت ۾ آڻي گاڏين جا نت نوان ڊيزائين ٺاهيائين پر اڳتي هلي روشنين واري شهر جا ڪيترائي ناليوارا تفريحي پارڪ به ڊزائين ڪيائين، جن ۾ علاءالدين پارڪ، فيسٽا ۽ ٻيا شامل آهن..
گوهر رڳو لوهه کي سنوت ۾ آڻڻ جي انجنيئرنگ ۾ مهارت حاصل نه ڪئي پر هن گڏوگڏ پنهنجي ماڻهن جي به ذهن سازي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڪيترائي نوجوان ڪراچي، ڄامشورو ۽ اسلام آباد جي يونيورسٽين ۾ تعليم پرائين پيا ۽ ڪيترن ئي پرائي ورتي آهي.
.
گوهر صاحب اسان جي ڪٽنب جو وڏڙو آهي جنهن سالن کان وٺي خاندان جي ماڻهن جي ذهنن کي تعليمي ريڄ ڏنو ان جي نتيجي ۾ هاڻي اسان جي پاڙي جي هر  گهر ۾  ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيٽ آهن.
هن ڪراچي ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ رهائي روزگار سان لڳايو ۽ پنهنجن پٽن کي پڻ اعليٰ معيار جي تعليم ڏياري جنهن سبب سندس پٽن سان ملندي انهن جي سڀاويڪ روپ کي ڏسي سرهائي محسوس ٿيندي آهي..
گوهر صاحب جو اصل نالو گورکو مل آهي جنهن جو جنم کوکرا پار ويجهو ڳوٺ ڀٽاڙو ۾ ٿيو، ان بعد وڏڙا ڏڪاري حالتن سبب ڌڻ ڪاهي بئراجي علائقي آهور فارم آيا ۽ پوءِ اتان لڏا کڻي راڻا جاگير ۾ آباد ٿيا.
.
گوهر جي شادي امرڪوٽ ۾ خليفو ڏيارام ميگهواڙ جي گهر ٿي، خليفو ڏيارام اهو پهريون ميگهواڙ هو جنهن ڍاٽ واري شهر امرڪوٽ ۾ لڳ ڀڳ 70 جي ڏهاڪي ۾ ميگهواڙن جو پهريون هوٽل کوليو هو. ان وقت ميگهواڙن کي طبقاتي نظام سبب “ سوناري ڪپ ” ۾ چانهه ڏيندا هئا هن پنهنجي سماج ۾ پنهنجن ماڻهن هٿان ماڻهپي جي تذليل نه چاهيندي ڌار هوٽل کولي ڪاروبار سان گڏ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن کي سهولت پڻ ڏني هئي..
گوهر صاحب کي چئن پٽن جو اولاد آهي، وڏي پٽ لجپت ڪمار وفاقي اردو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي ڪراچي ڪئمپس مان ايم ڪام شعبي ۾ ڊگري حاصل ڪئي، جيڪو مختلف ڪمپنين ۾ خدمتون سرانجام ڏئي پيو. ٻئي نمبر پٽ دولت ڪمار به وفاقي اردو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ جيالاجي شعبي ۾ ماسٽر ڪري ڊي ايڇ اي( سپر هاءِ وي ) رٿا ۾ مائيننگ شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي پيو، ٽيون پٽ پرشوتم ڪمار عرف پپو ڪاليج سائيڊ بي ايس سي ڪري گوهر سان گڏ آٽوورڪس جو ڪم سکيو ۽ هاڻي فيسٽا پارڪ ۾ ڪم رهيو آهي، جڏهن ته ننڍڙو پٽ اوم پرڪاش “ آءِ سي ايم اي ” انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مينجمينٽ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئنجمينٽ اڪائونٽنٽ جو ڪورس ڪري رهيو آهي.
.
اڪثر ڳوٺاڻا سوال ڪندا آهن ته گورکو مل ڪراچي شهر وڃي گوهر ڪيئن بڻيو. گورکو مل جو استاد نهال ڀائي پاڪستان اسٽيل مل ۾ انجنيئر هو هن پهرين ملاقات ۾ ڏسندي ئي چيو هو ته هي آهي ٿر جو “ گوهر ” ان بعد گورکو مل جي جاءَ تي نالو گوهر پئجي ويو ۽ هن پنهنجي ڪم سبب پاڻکي گوهر ثابت ڪرڻ لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي.
.
هاڻي گوهر صاحب پوڻا چار ڏهاڪا ڪراچي ۾ رهڻ کانپوءِ امرڪوٽ ۾ شفٽ ٿي آيو آهي.هو  ريٽائر مينٽ وارن ڏينهن ۾ ننڍن وڏن ماڻهن ۾ خوش مزاج رويي جي ڪري احترام جوڳو وقت گذاريندي ماڻهن کي ٻار پڙهائڻ لاءِ اُتساهيندو رهي ٿو.
.
اسان جي سماج جا اهڙا ڪيترائي خاموش انقلابي ماڻهو آهن جن پاڻ ڏکين حالتن کي منهن ڏئي سنيئن واٽ جوڙي ۽ ٻين کي به انهيءَ واٽ تي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪارائتيون صلاحون ڏيندا آهن، بلڪل اهڙا ماڻهو خراج تحسين جا حقدار آهن
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter