سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

علم ڪيميا جو وڌو عالم ڊاڪٽر وڏل شاهه


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/17/2018


علم ڪيميا جو وڌو عالم ڊاڪٽر وڏل شاهه
جمال ناصر
ڊاڪٽر وڏل شاه بخاري انهن خوشنصيب ترين ماڻهن مان آهي جيڪو سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”امين لاکو“ مان ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به پنهجي صلاحيتن جي ۽ قابليت جي زور تي ڪاميابي جون ڏاڪڻيون چڙهندو ويو.
اڻويه سئو ٽيهٺ 1963 ۾ نامياتي ڪيميا ۾ پهرين پوزيشن سان ماسٽرس ڪرڻ کان فورن پوءِ هو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو ۽ پوءِ هن نوجوان سائنسدان پوئتي مڙي نه ڏٺو،هن 1967 ۾ ايمپريل ڪاليج لنڊن مان صرف ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ پي ايڇ ڊي PHD مڪمل ڪئي  پوءِ صوبي سنڌ ۾ سائنس ۽ ڪيميا جي ترقي لاءِ ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر وڏل شاه صرف 32 سالن جي عمر ۾ سائنس تي 5 ڪتاب ۽ 6 ريسرچ پيپر لکي ورتا ساڻ گڏ ڪيترن ڪتابن جا ترجمه پڻ ڪيائين..
هن جا ريسرچ پيپر تمام مشهور سائنسي رسالن ۾ ڇپجندا رهيا،جنهڪري هن جي بين الاقوامي سطح تي سڃاڻپ ٿي.. اهڙي طريقي سان ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکندي هو پاڪستان ۾ سائنس جي ترقي لاءِ چندو جمع ڪندو رهيو، جنهڪري ئي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ڪيمسٽري ۾ تحقيق لاءِ ليبارٽري جون سهولتون مهيا ٿيون ۽ صرف ٽن سالن ۾ هن جي سربراهي ۾ پنجن شاگردن پي پنهنجي پي ايڇ ڊي جي تعليم شروع ڪئي.
هو نواب شاه ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بين الاقوامي ڪانفرنسز به ڪرائندو رهيو، هن جي ڪوششن سان سنڌ ۾ پهريون ماهانه سائنس جرنل ڇپجڻ ممڪن بڻيو. هن جي تحقيق جو مرڪز قدرتي مرڪعب ۽ ڪيمسٽري هئا،جنهجو دوائن ۽ مرضن سان تمام گهرو تعلق آهي
قدرت اگر هن کي وڌيڪ زندگي عطا ڪري ها ته آڄ پاڪستان علم ڪيميا جو گهر بڻجي وڃي ها مگر بدقسمتي سان هي اسان جو باصلاحيت سائنسدان صرف 36 سالن جي مختصر عمر ۾ هن دنيا مان هليو ويو.جنهن وقت ڊاڪٽر وڏل شاه جي وفات ٿي ان.
کان پهرين وڏل شاه جي سربراهي ۾ 11 شاگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا ۽ پاڪستان ۾ تحقيق لاءِ مناسب سهولتون نه هئڻ ڪري هو ”ناروي“ ۾ پنهجي مقالن تي تحقيق مڪمل ڪري وطن واپس اچڻ وارا هئا ته 16 ڊسمبر 1975 ۾ هو پراسرار طريقي سان مرده حالت ۾ مليا.
شعبه ڪيميا ۾ ڊاڪٽر وڏل شاه جي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي 2012 ۾ پاڪستان جي ٻئي وڏي سول ايوارڊ ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter