سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مائي لارڊ! اوهان تي اسان جي ڪا به ميار ناهي نارائڻ نماٹو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/17/2018

مائي لارڊ! اوهان تي اسان جي ڪا به ميار ناهي

نارائڻ نماٹو

چيف جسٽس سمجهيو هوندو هُو سڄي ٿر جو دورو مڪمل ڪري اطمينان سان وڃي پنهنجي پٽن ڏانهن ٿانيڪو ٿيو آھي،
مگر ھُن اصل ٿر جو دورو ته بلڪل ئي ڪونه ڪيو، هُن ته فقط ميڊيا جو مرڪز بڻيل شھر مٺي، سلامڪوٽ ۽ ڏيپلو جو هڪ سرسري رائونڊ ڪيو آھي، اصل ٿر ته هُن لاءِ اڄ به اوتالو آھي. اڄ به ڀِٽن جي ڀر ۾ ڪچن ڀُونگن ۾ وسندڙ، هِن جي جهاز جا اڃان تائين منتظر آھن، جيڪر چيف جسٽس کي ٿر جو ايڏو درد هو ته هُو پنهنجي هليڪاپٽر کي ڇاڇرو ڏانهن ڇِڪي ها ته  هُو ڄاڻي وٺي ها اصل ٿر ڪهڙو آھي ۽ پوءِ اِها ڳالھ به هڪدم سمجهي وٺي ها ته  اياز اِهو ڇو چيو هو ته ”جِتي لُڪ، جِتي اڪ تپن سو ديس مُسافر مُنهنجو ڙي“. مگر ڇا ڪجي چيف به اُنهن جي ڪُلهي تي چڙھي آيو هو جيڪي ٿر جي ايڏي ڀيانڪ ٿي ويل صورتحال جا ڪافي حد تائين ذُميوار آھن پوءِ ڀلا هُو ڪيئن چاهيندا ته ”اسان“جي عيبن تي ڪنهن جي عينڪ جو ڌُندلو عڪس پوي.
مائي لارڊ! ٿر ته اتهاس جي پنن ۾ هميشه کان هڪ اهڙي چيخ رهيو آھي جنهن جو پڙاڏو هر سرڪار جي ڪنن تائين پيو، مگر سڀن ڪن لاٽار ڪئي آھي.
مائي لارڊ! اصل ٿر اڄ به اُداسي ۽ اڪيلائپ جو شڪار آھي، اصل ٿر اڄ به سماجي وائڙائپ جي ور چڙھيل آھي.  اچو ته ڏسو اصل ٿر جيڪو ڇاڇري کان ڪاسٻي تائين زندگيءَ جي اصل معني ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ اڄ تائين بي چين آھي، جِتي زندگيون فاقاڪشي، ڪسمپرسي، قرض ۽ خودڪشيءَ جهڙن اذيتناڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آھن.
مائي لارڊ! مُبارڪ رِند جي ماڻھن جي زبان مِٺي پاڻي جي هڪڙي ڍُڪ لاءِ سِسڪي پئي.
اڄ به چارنور واسي صحت جي بُنيادي سهولتن کان به محروم آھن،
مائي لارڊ! کينسر جو وجود اڄ به موالي جي کيسي جيئان خالي آھي.
مرڻ گهڙي تائين سنڌ جي سينڌ کي انقلابي رت سان سنواريندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڳوٺ ۾ کُوھ (جنهن ۾ سندس ئي زال سُکان پنهنجا پساھ پُورا ڪيا ھُيا) مُسلسل سوڪهڙي جو شڪار ٿيڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آھي، مائي لارڊ! اُن ڳوٺ تان ڇا گُذري پئي سا صرف اُن ڳوٺ کي ئي خبر آھي اوهان کي بلڪل به نه.
مائي لارڊ! اوهان اچو ها ڳوٺ چارنور، جنهن ۾ هڪ الهڙ جوان، بيغرت وڏيرن جي آزارن جي ڪري خودڪشي ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي، جنهن جي ٻُڍڙي ماءُ اڄ به سراپا احتجاج آھي ۽ اوهان جي سوموٽو ايڪشن جي منتظر آھي ۽ سندس يتيم ٿي ويل ٻار اوهان جي آٿت جا اڄ به آسائو آھن.
مائي لارڊ! اوهان اچو ها ۽ سفر ڪريو ها تڙدوس جي رستي ڏانهن جنهن رستي جي ڏکين پيچرن تي جيڪر حمل سان ڪا عورت سفر ڪري وچ رستي ۾ ئي بيبي ڊليور ڪريو ڇڏي.
مائي لارڊ! شايد اوهان به اِھو ٻُڌو هوندو ته ڪاسٻي جي ڪامڻين جو ڪوئي مٽ ناهي، مگر افسوس مائي لارڊ اڄ ڪاسٻي جي اُنهن ڪامڻين جون ڪُکون بُک ۾ پاھ آھن، پنهنجي حُسن جو ڪوبه حوالو سندن بُک مٽائي نه سگهيو آھي.
مائي لارڊ! اوهان اِھو به ٻُڌو هوندو ته روپلو فرنگين سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجو وجود ته وڃايو پر ڪارونجهر کي اڏول رکيو، مگر اڄ اُن ڪارونجهر جو ڪنڌ وقت جي ستم ظريفي جي ڪري جُھڪيل آھي، ڪارونجهر جي دامن مان روز سوين ٽن پٿر ڪُٽي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter