سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

گانڌي جي مجسمي ڊاهڻ تي آريسر ڇا سوچي ها...؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/17/2018

گانڌي جي مجسمي ڊاهڻ تي آريسر ڇا سوچي ها...؟
جمال ناصر

تازو گهانا ۾ گانڌي جو مجسمو ڊاهي پٽ ڪيو ويو مونکي اها خبر ناهي ته اسان وارو آريسر زنده هجي ها ته ان لاءِ هو ڇا چوي ها ڇو ته هو ان کان سخت متاثر سنڌي سياستدان ۽ دانشور هيو.جنهن گانڌي سان انسيت ۾ پنهنجي نياڻي جو نالو به اندرا رکيو هو.هو ضررو ڪو نه ڪو رومانوي روئاڙڻ جهڙو ليک ضرور لکي ها پر گهانا جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته گانڌي نسل پرست ۽ انتها پسند هيو هو آفريڪن کي گهٽ عقل ۽ هندستانين کي وڏي عقل وارو سمجهندو هو.
تاريخ هميشه پنهجو حساب برابر ڪندي آهي ڪير ڪيترو به کڻي  چالاڪ هجي ڀلي ته منافقت جا ڪيترا چوگا پائي گهمي پر تاريخ ان موم واري محل کي  ڊاهي پٽ ڪندي آهي. اڄ جي حقيقت اها آهي ته  گانڌي نه صرف نسل پرست هيو پر گانڌي واري مذهبي نظرئي  ننڍين قومن کي صدين تائين رڳڙي ڇڏيو. هو اڄوڪي مودي واري  انتها پسند مذهب جي سياسي روپ جو تخليقار هيو. هن ننڍن ننڍن مذهبن کي جوڙي هاڻوڪي هندو مذهب جو بنياد وجهي سنڌ کي ته ڪاپاري ڌڪ هنيو، پر هندوستان سامراج کي به جنم ڏنو جيڪو هاڻي انگريزن جي مدد سان پنهجي منزل ڏانهن اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ دنيا جي وڏي جمهوريت جي نالي ۾ ننڍن قومن کي ڳڙڪائندو پيو وڃي. جئين ڪجهه وقت اڳ تائين  ڀوٽان به هڪ ملڪ هيو پر هاڻي غائب آهي. نيپال ۾ خونريزي به ان جو ثبوت آهي ۽ هاڻي نيپال به ملڪ بجاءِ  لڳ ڀڳ هندستاني صوبو وڃي بچيو آهي. بنگلاديش جي بجيٽ اڄ به هندستان تيار ڪري ٿو. هن جي نظر هاڻي افغنستان سنڌ بلوچستان تي به آهي.
هو هاڻي پاڻ کي چائنا وانگر عالمي سامراج جو حصو پيو سمجهي. گانڌي ازم کي آڻڻ ۽ ننڍن مذهبن ۾ مرڪزيت پئدا ڪرڻ ۽ انهن کي هندو مذهب جو نالو ڏيڻ انگريزن لاءِ ضروري هيو ڇو ته سويٽ يونين دنيا ۾ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ برصغير جيڪو انگريزن جي هڪ تخليق هئي ان کي روس کان بچائڻو هيو.اگر برصغير ننڍن قومن ۾ واپس هليو وڃي ها ته اڌ قومون سوويٽس ڏي وڃن ها تنهڪري انگريزن سنڌ سميت سڀني قومن جي آزادي جا مطالبا رد ڪري ڇڏيا.قردار لاهور کي به رد ڪيو. هن سڄي قصي ۾ MI 6 ڪري وڏو ڪم ڪيو. گانڌي جي آفريڪا مان واپسي ايم آءِ سيڪس جي حڪم تحت ٿي. ڪانگريس جو قيام به ايم آءِ سيڪس جي ٻن ايجنٽن مسٽر هوم ۽ ٻئي جو نالو مان ڀلجي ويو آهيان انهن وڌو هو.تنهنڪري گانڌي جي نظرئي پويان لڳل ڳجهن مقصدن کي ڏسڻ ضروري آهي..
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter