سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڇا جسقم صنعان خان وٽ يرغمال بڻيل آهي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/18/2018

ڇا جسقم صنعان خان وٽ يرغمال بڻيل آهي..؟
رپورٽ : حفيظ تنيو
انگريزي اخبار ايڪسپريس ٽريبيون ۾ نوجوان صحافي حفيظ تنيو هڪ رپورٽ ڏني آهي جنهن جو عنوان آهي ته هڪ سياسي جماعت کي ڪيئن مارجي...ان رپورٽ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان ۽ بشير خان قريشي جي پراڻي ساٿي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جا ويچار ڏنل آهن.اها رپروٽ ته تمام گهڻي جامع لکيل آهي پر هتي اسين لاهوت ڊاٽ ڪام جي پڙهندڙن لاء ان جو اختصار ايڪسپريس ٽريبيون جي ٿورن سان پيش ڪري رهيا آهيون.
سياسي طاقتون طاقتور هوندي به يقيني ۽ دردناڪ موت مرن ٿيون، ڪجهه اهڙوئي قصو ڪنهن وقت جي مقبول قومپرست جماعت جسقم سان ٿيو آهي.اها جماعت جنهن هزارين ماڻهن کي متاثر ڪيو سا هاڻي صرف پارٽي اڳواڻن جي ذهن ۾ ئي زنده رهندي ، جن کي پارٽي جي ابتر حالت نظر نٿي اچي.جسقم جي ڪرشماتي اڳواڻ بشير خان قريشي جو 2012 ۾ ٿيل موت پارٽي لاء سنڌائتو ڌڪ ثابت ٿيو.ٿوري وقت اندر ئي سندس ڀاء مقصود خان قريشي کي ساڙي قتل ڪيو ويو ۽ هاڻي اها پارٽي بشير قريشي جو پٽ صنعان خان هلائي ٿو جيڪو ڪراچي ويجهو خاموش زندگي گذاري رهيو آهي.
ڪجهه ئي سالن ۾ کوڙ سارا پراڻا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اهو چئي پارٽي ڇڏي چڪا آهن ته پارتي نئين اڳواڻ (صنعان خان) وٽ يرغمال بڻيل آهي.جنهن پارتي جو ڏکئي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاء پارتي اندر ڪا جاء ناهي ڇڏي.ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڏک مان چيو ته گذريل ٻن سالن کان نه فقط  سياسي پر تنظيمي ڪاروهنوار پڻ ٺپ پيل آهي.مسئلا ته ساڳي جاء تي موجود آهن پر اسان جي پارٽي اڳتي وڌي اڳين صفن تان جدوجهد ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي.
ماضي ۾ سنڌ جي مختلف مسئلن تي جسقم ڌرڻا،احتجاجي مظاهرا، لانگ مارچ ۽ بک هڙتالون ڪندي هئي پر هاڻي  صرف تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسي وارا پروگرام ڪيا وڃن ٿا.ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيڪو بشير خان قريشي جو ويجهو ساٿي آهي تنهن چيو ته جسقم ذاتي ملڪيت سمجهي ورثي ۾ ڏني وئي آهي.اهڙي صورتحال پئدا ڪري اسانکي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اسان پارٽي ڇڏ وڃون.انهن جسقم اڳواڻن جي پارٽي سرگرمي تي بندش هني وئي آهي جيڪي پارٽي چيئرمين جي آمراڻن روين جي نندا ڪن ٿا.پر مان ٻين اڳواڻن جيان جسقم ڇڏي پي پي پي ۾ شموليت ڪونه ڪندس.پارٽي ڪارڪنن تي ڪم ڪندو رهندس.
سينئير پارٽي اڳواڻن جي مايوسي بابت جڏهن صنعان خان سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته اهڙا الزام اهي اڳواڻ هڻي رهيا آهن جن پارٽي اليڪشن ۾ هارايو آهي.سندن تنقيد جو اهوئي جواز آهي.هن چيو ته توهان تصور نٿا ڪري سگاه ته اسان مٿان ڪيترو دٻاء آهي .منهنجي والد کي قتل ڪيو ويو ۽ چاچي کي زنده ساڙي ماريو ويو.ان جي باوجود اسنا پنهنجيون سرگرميون ڪندا رهون ٿا..( انگريزي مان ترجمو: سڪندر مهيري)

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter