سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

وزارتن جي آسري ويٺل وڏيرا..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/16/2018

اقتداري سياست ۾ وڏيرا ته ايندائي وزارتن ۽ ايوانن جي مراعتن جا مزا ماڻڻ آهن پر سنڌ جي ٻن نوابن کي هن ڀيري پڪو آسرو ملڻ جي باوجود وزارتون نه ملي سگهيون آهن.
لاهوتي کي مليل حوالن موجب ڪوهستان جي ڪنگ ملڪ اسد سڪندر کي ته سوشل ميڊيا تي سندس چاهيندڙن مبارڪون به ڏنيون هيون ۽ ڪجهه صفا چوٽ چڙهيل مستانن ته کيس ورڪس ۽ سروس جو کاتو به ڏياري ڇڏيو هو.پر پارٽي چيف زرداري جا ڪي اڃان ڪم رهيل هئا.توڙي جو بحريا ٽائون واري ملڪ رياض ڏي ڪوهستان جو ڪنگ لنگهي ويو هو.سنڌ جي آل پاورفل ادي کي پڻ دعوت ڏئي ڳوٺ سڏائي ڪروڙن جا تحفا به ڏنا هئا پر لڳي ٿو وزارت واري ديوي اڃان ملڪ اسد سڪندر کان پري بيٺل آهي.
لاهوتي کي شهدادڪوٽ مان مليل حوالن موجب هن ڀيري ته مير نادر مگسي جي وزارت صفا پڪي هئي.سندس چاهيندرن ته قسم کڻڻ واري متوقع تاريخ به ٻڌائي ڇڏي هئي ۽ ڪراچي وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئا پر اوچتو الائي ڇا ٿيو جو مير صاحب پاڻ جهل مگسي موٽي آيو ۽ جهل مگسي جيپ ريلي جي انتظامن ۾ مصروف ٿي ويو.جيڪا ريس هن کٽي ورتي.
سنڌ حڪومت ۾ پيپلزپارٽي جا اڪثر وڏيرا وزارتن وٺڻ لئه هر ڀيري بلاول هائوس جا چڪر ته لڳائين ٿا پر کين اهو چئي واپس ڪيو پيو وڃي ته بابا چيئرمين صاحب منع ڪئي آهي ته نيب زده اسيمبلي ميمبر وزارتن ۾ نه آندا وڃن..هاڻي ڪو لاهوتي کان پڇي ته اگر نيب زده اڳواڻن کان پارٽي قيادت ايتروئي خائف آهي ته پوء انهن ئي نيب زده اڳواڻن جي ڳوٺن جا دورا پاڻ رئيس وڏو ڇو ڪري رهيو آهي.مڙئي آهي مال تي جهيڙو بابا چون ٿا جن حساب ڪتاب سڌو نه رکيو سي وزارتن کان ٻاهر ويٺل آهن.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter