سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مسنگ پرسن جي اڳواڻ تنوير آريجو جنسي حراسمينٽ جو شڪار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/19/2018


مسنگ پرسن جي اڳواڻ تنوير آريجو جنسي حراسمينٽ جو شڪار
ويب ڊيسڪ
سنڌ مان لاپته ماڻهن جي بازيابي لاء قائم وائس فار مسنگ پرسن جي اڳواڻ تنوير آريجو شڪايت ڪئي آهي ته کيس ڪجهه نام نهاد قومپرست ڪارڪن جنسي طور حراس ڪري رهيا آهن.ان حراسمينٽ خلاف هن وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آئي اي سان رابطو ڪري باضابطه شڪايت درج ڪرائي ڇڏي آهي.
تنوير آريجو پنهنجي فيس اڪائونٽ تان جنسي حراسمينٽ جي شڪايت ڪئي آهي ۽ 24 ڪلاڪن اندر اهي اسڪرين شاٽ پڻ جاري ڪيا آهن جن ذريعي کيس تنگ ڪيو پيو وڃي.تنوير آريجو کي انهن اسڪرين شاٽس ۾ تمام غيرمهذب ۽ اگهاڙي زبان ۾ مخاطب ڪري انباڪس ميسجز ۾ تنگ ڪيو پيو وڃي.تنوير آريجو جون تصويرون ايڊٽ ڪري کيس انباڪس ميسجز بليڪ ميل ڪيو ويو ته اهي تصويرون سندس مائٽن کي موڪليون وينديون.جنهن بعد تنوير پاڻ پنهنجي اڪائونٽ تان اهڙي شڪايت شيئر ڪئي آهي.
پنهنجي پهرين پوسٽ ۾ تنوير لکيو آهي ته اسان جي ڪپڙن پائڻ کان وٺي اسان جي ھلڻ تائين به نوٽ ڪرڻ لاء ماڻهن وٽ ٽائيم آهي،
مان حيران آھيان ته انقلابين وٽ به ايترو ٽائيم آهي،
رات جو 2 بجه به ميسيج ڪندا، ادي ڇا حال آ،
ڪٿي ٿا رھو؟
اڃان جاڳو ٿا،،
صبحاڻي توھان به ھوندا مظاهري ۾؟
ڀائر ڪيترا اَٿَوَ..؟
ڪو ڪم ھجي ته ٻڌائجو،،
اسان توھان سان گڏ آھيون،
۽ جڏهن گڏ ھلڻ جو ٽائيم اچي ٿو ته 50 کان مٿي ماڻهو اسان سان آهن ڪونه، صرف اھي ئي نظر ايندا جيڪي حقيقي درد کي سمجهڻ جي سگھ رکن ٿا.
تنوير آريجو پنهنجي والد خادم آريجو جي بازيابي لئه مسلسل جدوجهد ۾ آهي.ساڻس گڏجي جدوجهد ڪندڙن جو انگ جيتوڻيڪ ٿورو آهي پر انهن ۾ به اهڙا ماڻهون شامل آهن جيڪي کيس جنسي طور حراسان ڪري رهيا آهن.تنوير آريجو پنهنجي هڪ ٻي پوسٽ ۾ سمورن قومپرست ڪارڪنن جو ٿورو مڃيو آهي جيڪي ساڻس گڏ آهن سواء چچند ڇڙواڳ ڇوڪرن جي جيڪي کيس حراسمينٽ جو شڪار بنائي رهيا آهن.انهن بابت تنوير لکيو آهي ته قومي تحريڪن ۾ پنج ئي آڱريون برابر ناھن اسان جو ساٿ قومي تحريڪ جي ڀائرن ڏنو آهي ۽ اڄ به مونکي اوھان ڀائرن مان اميدون آهن ته اوهان منهنجو ساٿ ضرور ڏيندا ،
بس ڪجهه ڇڙواڳ ڇوڪرا انقلاب ۽ آزادي پسند تحريڪ جو نالو بدنام ڪرڻ جو سبب بڻجڻ ٿا
اسان انهن ماڻھن جي نشاندهي ڪئي آهي، بس قانوني ڪاروائي سبب نالا راز م آهن جيڪي به پڻ تمام جلد اوهانجي سامهون پيش ڪبا..

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter