سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سکن جي قاتل ڪانگريس اڳواڻ کي عمرقيد سزا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/18/2018

ويب ڊيسڪ
دهلي هاء ڪورٽ ڪانگريس اڳواڻ سڄڻ ڪمار کي 1984 وارن سک فسادن جي ڪيس ۾ عمرقيد جي سزا ٻڌائي آهي.سڄڻ ڪمار مٿان الزام آهي ته هن اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جي قتل بعد حڪم ڏنو هو ته دهلي ۾ ڪو به هڪ سک زنده نه بچي،جيڪو هندو سکن کي پناهه ڏئي ان جو به گهر ساڙي خاڪ ڪيو.
گذريل ڏينهن دهلي هاء ڪورٽ 1984 ۾ ٿيل سکن جي قتلام واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ۽ 2013 ۾ ڏنل ٽرائيل ڪيس جو فيصلو رد ڪيو.دهلي ۾ اهي فساد تڏهن ڀڙڪي پيا هئا جڏهن ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌي کي سندس ئي سک باڊي گارڊن قتل ڪري ڇڏيو هو.جنهنجي نتيجي ڀڙڪيل فسادن دوران هڪ اندازي موجب صرف دهلي نادر ٽي هزار سکن قتل ڪيو ويو هو.
دهلي هائي ڪورٽ ان ڪيس ۾ ڪانگريس اڳواڻ سڄڻ ڪمار سان گڏ ايم ايل اي مهيندرايادو ۽ ڪشن کوکر 10 سلان جي سزا ڏني آهي.جڏهن ته بلوان کوکر،ڀاگ مل ۽ گرڌاري لال اڳم ئي عمرقيد سزا ڪاٽي رهيا آهن.انهن فسادن جي اڻ ڌري جاچ لئه 2002 ۾ ناناوتي ڪميشن پڻ پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي هئي.
دهلي هائي ڪورٽ ۾ پيش ڪيل شاهدين موجب ڪانگريس اڳواڻ سڄڻ ڪمار پنهنجي ڪارڪنن کي حدايتون جاري ڪيون هيون ته دهلي ۾ هڪ به سک سالا ايڪ نهني بچنا چاهيئي،اگر ڪو هندو ڪنهن سک کي پناه ڏئي ته ان جو گهر پڻ ساڙيو وڃي.
دهلي هائي ڪورٽ پاران مليل عمرقيد جي سزا کانپوء سڄڻ ڪمار ڪانگريس پارٽي جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter