سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ادو ادي گرفتار ٿيندا ڇا.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/19/2018

ماحول ۾ چرپر اهڙي لڳي پئي آهي جو وڃي ٿيا ست خير.اسان لاهوتين مٿان ته جنهن تنهن جو تبرو هوندو آهي ته وتي ٿو حوال ڪندو پر ابا کڻي جو فيس بڪ ٿو کوليان ته سڀئي لاهوتي لڳا پيا آهن پر ان جي باوجود اڄ مان توهانکي پنهنجو ڪو به حوال نه ٻڌائيندس.
ماڻهن جي واتان ٻڌون ٿا ته رئيس وڏو  گرفتار ٿيڻ وارو آهي.ان گرفتاري لئه ڪجهه ماڻهن ٻاهتر ڪلاڪ ڏنا ته ڪجهه چويهه ته ڪي چون ٿا جمعي ڏينهن يا سومر ڏينهن گرفتار ٿيندو.ڪي چون ٿا رئيس وڏي تازو سنڌ ۾ ڪجهه الوداعي جلسا ڪرڻ آيو هو سي به اهڙن نيب زده ماڻهن وٽ جيڪي سندس حساب ڪتاب برابر رکندا هئا.
اهي خبرون پڙهي شهدادپور وارو پوليس آفيسر بشير ميمڻ ياد آيو جيڪو اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ وڏي ڪرسي تي ويٺل آهي.لاهوتي کي مليل حوال موجب هن ڀيري رئيس کي سڳ سوڌو ان ميمڻ صاحب پڪڙايو آهي جنهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جي آئي ٽي جوڙي هئي.ان جي آئي ٽي جي رپورٽ سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻي آهي پر ان کان اڳ ئي اڌ رپورٽ ڪامران خان پنهنجي پروگرام ۾ پڙهي چڪو آهي.
اها خبر مالڪن کي ته ادو ۽ ادي گڏ گرفتار ٿيندا يا الڳ الڳ ڇو ته مالڪن تازوئي اهڙو تجربو ڪري ڏٺو آهي ته مريم ۽ نواز شريف کي گڏ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو.سو هن ڀيري لڳي ٿو اهو وارو سنڌ مان اچڻو آهي.پر ڏسجي ته اها گرفتاري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي کان اڳ ٿئي ٿي يا اهو جلسو گذري وڃن بعد ٿئي ٿي.تيستائين توهان به ٽي وي ڏسو مان به ڪي حوال ڳولي موٽان ٿو....

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter