سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

تبديلي پسند پارٽي ڇو خاموش ٿي وئي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/20/2018

تبديلي پسند پارٽي ڇو خاموش ٿي وئي..؟
گذريل جولائي ۾ ٿيل عام چونڊن دوران سنڌ ۾ هڪ نئون نعرو تبديلي پسند به اوهان ٻڌو هوندو.ان نعري ۾ ڪشش به هئي ڇو ته ان جي اڳواڻ علي قاضي جي تقريرن مان لڳو پئي ته سنڌ ۾ صرف 420 ڀوتار آهن جن کي هارائي آساني سان اقتدار اصل عوامي نمائندن حوالي ڪبو.تبديل پسند پارٽي پنهنجي جلسن ۾ اعلان ڪيو ته هو ڏهاڪن کان اقتدار تي قابض پيپلزپارٽي جو متبادل آهن تنهنڪري ماڻهون اهو بهانو نه بڻائين ته ادا متبادل قيادت ناهي ته پوء ڪنهنکي ووٽ ڏيون.
تبديلي پسند پارٽي جا اڳواڻ  ايترو ته پر اعتماد هئا جو پنهنجي ليڊر علي قاضي کي وزيراعلي هائوس جي ڪرسي تي ڏسي رهيا هئا.انهن پاڻ ۾ وزارتون  ائين ورهائي به کنيون ،  جيئن مرحوم قمر ڀٽي پنهنجي خيالن ۾ وزير دفاع هوندو هو.جولائي جي اليڪشن وارن نتيجن ٻين سان گڏ تبديل پسند پارٽي کي به لوڙهي ڇڏيو جو سندن قائد علي قاضي سميت ڪو به اڳواڻ ڪامياب ٿي اسميبلي تائين نه پهتو.
لاهوتي کي مليل اطلاعن موجب اهڙي بري شڪست بعد انهن خاص عملدارن به تبديلي پسند اڳواڻن جا فون کڻڻ ڇڏي ڏنا جن کين وزيراعلي جا آسرا اهو چئي ڏنا هئا ته اربا رحيم يا ڄام صادق هڪ سيٽ تي وزيراعلي ٿي سگهي ٿو ته علي قاضي ڇو نٿو ٿي سگهي.؟
اليڪشن کٽڻ هارائڻ جي راند آهي پر تبديلي پسند اڳواڻ اليڪشڻ ۾ هارائڻ جي ڇهن مهينن  کانپوء ڪنهن به عوامي هلچل ۾ نظر نه اچي رهيا آهن.سنڌ ۾ مسئلا ته روزانه جي بنياد تي جام آهن پر تبديلي پسند انهن تي احتجاج ڪرڻ کان غائب آهن.ان ڏينهن ڪنهن قومي ڪارڪن لاهوتي کي مهڻو ڏنو ته ادا جلال شاهه ،اياز لطيف پليجو يا ڊاڪٽر قادر مگسي ڪنهن مسئلي تي احتجاج نه ڪندا آهن ته توهان ميديا وارا سوال اٿاريندا آهيو، ڀلا علي قاضي جي تبديل پسند پارٽي جي خاموشي تي توهان ڪو سوال ڇو نٿا اٿاريو.؟
مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته ان همراهه کي ڪهڙو جواب ڏيان ڇو ته تبديلي پسند پارٽي کي پيپلزپارٽي جي هڪ ايم پي اي شرجيل ميمڻ اهڙو ته  ماٺ ڪرائي ڇڏيو آهي جو ان پارٽي کي وري اڀرڻ ۾ ڪي سال لڳندا.پر چوڻ وارا چون ٿا شرجيل سان ان سازش ۾ علي قاضي جا ڪي پنهنجا به شامل آهن جيئن ميرن کي گهران لڳي تيئن تبديل پسند پارٽي کي به سازشن ذريعي خاموش ڪرايو ويو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter