سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

يادگيري يا رجي يا ملالِ احوالِ دوستان.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/20/2018


يادگيري يا رجي يا ملالِ احوالِ دوستان.
شوڪت حسين شورو
عبدالحق عالماڻي جون ڪهاڻيون 1965 کان ڇپجڻ شروغ ٿيون ، پر اديبن ۽ شاعرن سان هن جو اٿڻ ويهڻ اڳ ۾ ئي هو. ڪن سان گڏ هن سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ايم اي ڪئي هئي. مون جڏهن هن کي ڏٺو ان وقت سندس دوستي شمشيرالحيدري ۽ نياز همايوني سان هئي. منهنجي ساڻس ويجھڙائپ ٿي تہ منهنجا دوست هن جا بہ دوست ٿي ويا. اسان جو هڪ الڳ ٽولو ٺهي ويو . اهو زمانو اسان جي بيروزگاري جو هو. پوءِ شيخ اياز جي مهرباني سان مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ملي .

عبدالحق عالماڻي بہ مسلم سائنس ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿي ويو هو. کيسي ۾ ڪجھ ڏوڪڙ آيا تہ شھيد هوش محمد شيدي روڊ ( اڳوڻو رسالا روڊ) ۽ راحٽ سنيما جي گھٽي واري ڪنڊ تي مسلم هوٽل جي مٿان ڇت تي ڪيفي جھانگير اسان جو مستقل ٺڪاڻو ٿي وئي. اها کلندي بہ شام جو هئي ۽ اسين رات جو اٺين کان دير تائين اتي ويٺا هوندا هئاسين . عبدالحق عالماڻي، علي بابا، امداد حسيني ، ماڻڪ ، ۽ آئون اتي روزانو گڏ ٿيندا هئاسين. پوءِ مشتاق شورو ۽ مدد علي سنڌي بہ اچي شامل ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو جڏهن ڳوٺان حيدرآباد ايندو هو تہ هن جون شامون اسان سان گڌ گذرنديون هيون. ائين غلام نبي مغل ۽ ڪجھ ٻيا دوست بہ اتي ايندا هئا. اسان سڀني ۾ ڪچهري جو مور عبدالحق عالماڻي هوندو هو. دوستن سان چرچا گھٻا ڪندي ڊگھا ٽهڪ ڏئي کلي کلي ڱيرو ٿي پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس چرچا دوستن کي ڏکيا بہ لڳندا هئا.
.
ان زماني ۾ امداد حسيني جو رومانس چوٽ چڙهيل هو. اڪثر شام جو ايندو هو تہ سندس هٿ ۾ گل هوندو هو. اسين سمجھي ويندا هئاسين تہ گل ڪٿان کڻي آيو آهي. عبدالحق ساڻس هلڪا ڦلڪا چرچا پيو ڪندو هو ۽ امداد ڪجھ چوڻ بنا رڳو مرڪندو هو. هڪ دفعي امداد آيو تہ سندس هٿ جي ڪرائيءَ تي ڪو ڳاڙهو ڪپڙو يا رومال ويڙهيل هو. عبدالحق چرچو ڪندي چيس تہ توکي ٻانهن ۾ چاقو هنيو اٿن ڇا ؟ سڀ کلڻ لڳاسين . امداد کي اها ڳالھ ڏکي لڳي ۽ ڪاوڙجي پيو ، پر ٿوري دير لاءِ . عبدالحق عالماڻيءَ ڪجھ ليکڪ دوستن شمشيرالحيدري، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجي ۽ مشتاق شوري جا ڪردار کڻي ٻہ ٽي مزاحيہ ڪهاڻيون بہ لکيون هيون.
.
مون کي حيرت ان ڳالھ تي لڳندي هئي تہ عبدالحق جھڙو اندر ۾ اڏ ٿيل ماڻھو پنهنجا سمورا ڏک سور ايتري خوش مزاجي ۾ ڪيئن ٿي لڪائي سگھيو ! انهن سمورن دوستن ۾ سواءِ منهنجي ٻئي ڪنهن کي بہ لکا پوڻ نہ ڏنائين. هن جا چرچا ۽ ٽھڪ فراريت هئا يا ان ۾ شايد کيس سڪون ملندو هو.
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter