سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ازبڪ شهري کي شناختي ڪارڊ ڪيئن جاري ٿيو؟ چيف جسٽس جو پڇاڻو.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/20/2018

ازبڪ شهري کي شناختي ڪارڊ ڪيئن جاري ٿيو؟ چيف جسٽس جو پڇاڻو.
ويب ڊيسڪ
سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو پرڏيهين کي به قومي  شناختي ڪارڊ جاري ٿيا آهن.هن ريمارڪس ۾ چيو ته افغاني،بنگالي،برمي،ويٽنامي ۽ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان جا شهري اچي سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا.ادارن جي ناهلي سبب انهن کي شناختي ڪارڊ به ملي ٿا وڃن.
چيف جسٽس اهڙا ريمارڪس ٺٽي جي هڪ رهائشي عبدالحئي جي ڪيس جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڏنا.عبدالحئي پنهنجي وڪيل معرفت ٺٽو پوليس خلاف درخواست داخل ڪئي هئي ته پوليس سندس نالو بنا جواز فورٿ شيڊول ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.ان ڪيس ۾ سنڌ جي اسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل مطفي مهيسر عدالت کي ٻڌايو ته درخواست گذار ازبڪ شهري آهي،مستونگ بلوچستان ۾ ٿيل خودڪش حملي ۾ ڪجهه ازبڪن جي ملوث هئڻ سبب سندس نالو احتياط طور فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ڇو ته مستونگ خودڪش حملي ۾ ملوث ماڻهن کي پڻ ٺٽي ضلعي جا شناختي ڪارڊ جاري ٿيل هئا.
سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نادرا چيئرمين ۽ ايف آئي اي عملدارن کي  نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.هن چيو ته نادرا کان پڇيو وڃي ته ڪيترن پرڏيهين کي قومي شناخت ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن.هن ايس ايس پي ٺٽو شبير احمد سيٺار  کي پڻ حڪم ڏنو ته ضلعي اندر غير ملڪي شهرين جا تفصيل ايندڙ شنوائي تي پيش ڪيا وڃن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter