سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

انگريز سامراج جي قيدي پي جي پٽ جو لکيل بايوگرافيڪل نوٽ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/21/2018

مير حسن مري

بابو سائين انگريزن جي ڇتي مارشلا ۾ ڄائو ، جنهن وقت حرن جي ٻارن ۾ اڄ ڪالهه جي ٿري ٻارن جيان مورٽيليٽي ريٽ تمام گھڻو هو . بابي سائين جي اڳيان پٺيان ڀائرن مان اٺ ڀائر فوت ٿيا ، جن جي نالن تي اسان ڀائرن جا نالا رکيا ويا. بابا سائين نوابشاه جي لوڙهن جي ان عذب ناڪ دور جي يادگيرين کي تمام خوبصورت انداز ۾ ٻڌائيندو آهي. نوابشاه جي لوڙهي مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ راجا جي ريل ۾ چڙهي جهول پهتا جتان سندن چاچي حاجي علي خان مري ( ناني سائين جو ذڪر سائين جي ايم سيد پهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن مولوي محمد علي لانڊر سان گڏ ڪيو آهي) کين سانگهڙ شهر پهچايو. سانگھڙ شهر جو بابو پهريون منظر ٻڌائيندو آهي ته چاچي جن جي گھر کان نڪري ( موجوده جامع مسجد جي سامهون) جڏهن سانگھڙ شهر ڏي ڏسندا هئاسين ته پري کان ڀٽ تي نظر ايندو هو. ( موجوده ڪلو بلو چونڪ) جي آس پاس واڻين جي ڇڏيل ماڙين تي ٻاهريان آيل خلق آج ماجوج جيان نظر ايندي هئي. بابي پرائمري جي تعليم مولوي خيرمحمد احمدڻي ۽ ڪوٽ نواب ۾ ورتي. انگريزي جي ڪلاسن جي تعليم کپرو ۾ مولوي محمد حسن پهوڙ جي اسڪول ۾ پني حاصل ڪئي ، بابو لفظ پن تي زور گھڻو ڏيندو آهي ڇو جو اتي جي شاگردن جي ٽڪر لاءِ مولوي صاحب جي اسڪول جا شاگرد آس پاس جا ڳوٺن ۾ ڪڻڪ پنڻ ويندا هئا. اتي جڏهن بابي کي ٽنگ ۾ ڳوڙها نڪتا هئا جن کيس شديد تڪيلف ۾ وجهي ڇڏيو هو انهن جي آپريشن کان پوءِ جڏهن اتان جي ڊاڪٽر کيس چيو ته بابا تهنجو ڪو مٽ مائٽ ،بابي چيو سائين مهنجو هتي ڪو الله کان سواءِ آهي ته پاڻهي پڄي ويندو.

اتي اسان جي تر جو هڪ لغاري موجود هو جيڪو ڏاڏي کي سڃاڻندو هو ، اهو اتي موجود هو جنهن اچي پهرين واندڪائي ۾ ڏاڏي کي ابي جو حال ٻڌايو. اتي بابي کي ڊاڪٽري جي اسپتال مان سائين محمود هنڱورو ، سانگهڙ ڪاليج جو انگريزي جو پروفيسر سائيڪل تي کڻي ويو هو. بابي وارن جو مائو ڄائو هئي سائين وارن سان . اتي بابي جي سائين محمود جي ماءُ امان ساره وڏي سار لڌي ، بابو اڄ به امان سارو جو ذڪر اکين ۾ پاڻي آڻي پوءِ ڪندو آهي. اسان جي گھر ۾ امان ساره جي لاءِ اڄ به قل شريف پڙهيا ويندا آهن.
ڏاڏو مرحوم لوڙهن مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ چار آنا ڏهاڙي تي کپري واه تي بيلداري ڪندو هو، پهنجي اڪيلي پٽ جي سار لهڻ کپري پهتو. بابي جي چاڪ چڱ ڀلائي ڏسي مرشد روزي ڌڻي کي ياد ڪندو واپس پهتو.

بابي سائين 1960 ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي ، نوڪري لاءِ درخواست ڏيڻ روز ايجوڪيشن جي آفيس ۾ ويندو هو اتي هڪ پٽيوالو هو خاصخيلي ذات جو بابو سائين اڄ به ان مرحيات جو نالو نه ٿو ٻڌائي، جيڪو بابي وارن سان گڏ نوابشاه جي لوڙهي جو باندي هو، ڏاڏي وارن سان سندسن خاندان جي گھري دوستي هئي. پر اهو بابي کي آفيسر تائين پهچڻ کان پهريان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍندو هو ته هل ڙي ” اڪ “ بابي جي ڀائرن جي فوتگي کان پوءِ مائٽن پاران ڪڙو نالو رکيو هو تون به نوڪري ڪندو ۽ رانجهو خان ڍوءَ ڪندو . 1961 ۾ مليل نوڪري جي بابي پهرين پگهار پنجاسي روپين مان پنجهاه روپيا ڏاڏي کي ڏنا ، پجٽيه روپيا پاڻ آخري تاريخ تائين خرچ نه ڪري سگهيو. بابو ارڙهين گريڊ جي سرڪاري نوڪري تان ريٽائرڊ ٿيو. اڄ سندس اولاد توڙي سندس اولاد پٽن توڙي نياڻين ، جي اولاد سٺن سرڪاري نوڪرين ، سٺي تعليم ، پي ايڇ ڊي سطح جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. ڏاڏو مرحيات مونکي ، مهنجي ڀاءٌ علي حسن کي هنج ۾ کڻي ، ڌڻ مينهن جي کانسواءِ اباڻي زمين جي ملڪيت ڇڏي درگاه روزي ڌڻي جي حاضري تان واپسي ۾ سانگهڙ شهر ۾ فوت ٿيو.
الله سائين سندسن درجات بلند ڪري.
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter