12/21/2018
اسان لاهوتي اڳي ئي ميلن جي ڪري بدنام آهيون.ماڻهون سمجهندا آهن ته لاهوتي کي ڪو ڪم ڪار ناهي سڄو ناهي ميلائي لڳو پيو هلي پر توهان دوست ويٺا آهيو ته اها ڳالهه ايتري به سچي ڪونهي.لاهوتي جنهن تنهن ميلي تي ڪو نه ويندو آهي پر هن ڀيري حيدرآباد ۾ اياز ميلي جي دعوت ملي آهي ته لاهوتي به تياري ڪئي آهي.ڏسون پروگرام ڪيئن ٿا هلن.اسانکي جيڪيو پروگرام مليو آهي ان موجب
اياز ميلو - 2018
جذبي جو سفر
روايت جو تسلسل
21 ڊسمبر کان 25 ڊسمبر 2018ع
خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي ، سنڌ ميوزيم حيدرآباد .
هن ڀيري اياز ميلي ۾ شامل هوندا:
* مختلف سيشنز, لڳ ڀڳ 60 اسڪالر, دانشور ۽ ليکڪ ڳالهه ٻولهه ڪندا مها ڪوي شيخ اياز جي زندگيءَ, شاعريءَ ۽ ڪم تي.
تنهن کان سواءِ
*اياز جي شاعريءَ جون پڙهڻيون/ ريڊنگس
* ڊانس پرفارمنس.
* پينٽنگن ۽ تصويرن جي نمائش
* اياز مشاعرو
* راڳ رنگ جون محفلون جن کي سنڌ جا لڳ ڀڳ 70 فنڪار رونق بخشيندا.