سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ٿر ڪول ۽ ٿرين کي درپيش اصل خطرا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/21/2018


ٿر ڪول ۽ ٿرين کي درپيش اصل خطرا
آئي اي رحمان
ٿر جي ٽن وڏن ڳوٺن جا هزارين ٿري پاڪستان جي ضمير کي خاص ڪري ارباب اختيار کي اپيل ڪري رهيا آهن ته کين تباهي کان بچايو وڃي.ڇو ته سندن زمينون گوڙاڻو ڊيم ٻوڙي ڇڏيون آهن.
گوڙاڻو ڊيم اصل ۾ هڪ هٿرادو ڍنڍ آهي جتي مائننگ کانپوء فارغ ٿيل پاڻي 35 ڪلوميٽر واري پائيپ لائين ذريعي پهچائي گڏ ڪيو پيو وڃي.لڳ ڀڳ 1500 ايڪڙ زمين اڳم ئي پاڻي هيٺ آيل آهي جڏهن ته گوڙاڻو ۽ ٻن ٻين ڳوٺن واري پنج هزار ايڪڙ زمين به اڳتي هلي پاڻي هيٺ اچڻي آهي.سنڌ اينگرو ڪول مائنيننگ ڪمپني پاران آڇيل معاوضي واري رقم ڪجهه ڳوٺاڻن وارتي آهي ۽ ٻين نه ورتي آهي.
سنڌ حڪومت 750 متاثر ڳوٺاڻن لاء 950 ملين جي معاوضي واري پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.جنهن مان هر مهيني متاثرن کي ڏهه ڏهه هزار ملندا.اينگرو ڪمپني جي دعوي آهي ته ٿر جي بيروزگار نوجوانن کي هنن نوڪريون ڏنيون آهن ۽ گوڙاڻو ۾ اسڪول پڻ کوليو اٿن.سنڌ حڪومت 37 اسڪول اينگرو ڪمپني حوالي ڪيا آهن جڏهن ته اسلام ڪوت پريس ڪلب جي مرمت لئه پڻ پئسا رکيا ويا آهن.گوڙاڻو ۾ ٻارڙن جي سر تفريح لاء هڪ فيملي پارڪ پڻ تعمير ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ اوچي ڊئم جو مٿان نظارو ڪرڻ لئه هڪ اوچي ڀٽ تي تعيمر ڪيو ويو آهي.
اها پڪنڪ پوائنت ٻين سياحن لئه کڻي ڪشش رکندڙ هجي پر هن وقت مقامي ڳوٺاڻن لئه هڪ ڪريل مذاق کان مٿي ناهي ڇو ته ان  ڀٽ تي بيهي هو صرف اهو ڏسي سگهن ٿا ته سندن اها زمين هاڻي پاڻي هيٺ آهي جيڪا صدين کان سندن ٻچن جي روزي جو واحد ذريعو هئي.جيڪا انهن کان ناانصافي ڪري کسي وئي آهي.
انساني حقن واري قومي ڪميشن اڳيان گذريل ڇنڇر تي جيڪا عوامي ٻڌڻي ٿي ان ۾ گوڙاڻو متاثرين جيڪي پنهنجون شڪايتون درج ڪرايون انهن موجب معاوضي واري مرحلو ڏاڍو منجهائيندڙ هوندو.ڇو ته شڪايتن موجب آلو ڪولهي ڳوٺ جي ڏهنن گهرن جو وڏو آهي سو چوي ٿو ته هو 500 ايڪڙ زمين آباد ڪندو هو سو کيس متبادل زمين فراهم ڪئي وڃي.دوست علي پنهنجي ان گهر ان گهر جو معاوضو پيو طلبي جيڪو ڪمپني ڊاهيو ويو.هڪ ٻيو هاري پنهنجي زمين جو اهو ٽڪرو وڻڻ ٿو چاهي جتي وڃڻ وارو رستو ڊئم جي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي.ڳالهه ملائي جلائي ڪجي ته حقيقت اها وڃي بيهندي ته گوڙاڻو ڊئم ڳوٺاڻن جي معاشي حالت بگاڙي ڇڏيندو.
اهو به چيو پيو وڃي ته اينگرو ڪول مائننگ مان خارج ٿيندڙ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي اصل جڳهه رڻ ڪڇ برسان ويراوا وارو علائقو هئي جيڪو بارڊري جي ڀرسان آهي ۽ انڊيا جي ممڪنه احتجاج سبب اهو منصوبو تبديل ڪيو ويو.پر ٿري چون ته انهن  کي به ته پاڪستاني شهري سمجهي هڪ جيتري حق سان ٻڌو وڃي.
ٿر ڪول منصوبو جيئن وڌندو تنهن لئه گوڙاڻو جهڙو هڪ ٻيو ڊئم تعيمر ڪرڻ ضرور ٿي پوندو.تڏهن ڇا ان علائقي جا متاثر گوڙاڻو متاثڙين کان بهتر معاوضو وٺي سگهند.؟
گوڙاڻو جي ڪهاڻي دراصل ٿرين کي درپيش وڏي خطري جو ننڍو حصو آهي.ڪيترن ئي ماهرن جي راء آهي ته ٿر جي ماعشيات کي شديد خطرو آهي.ٿر جي ٽوٽل ايراضي 1960 اسڪوائر ڪلوميٽرن مان 900 اسڪوائر ڪلوميٽر اينگرو ڪمپني کي ڏني وئي آهي.جيڪا ٿر جي ٽوٽل ايراضي جي اڌ کان ڪجهه گهٽ آهي.ان مان ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ته جنهن ايراضي جي ڪوئلي لاء کوٽائي نه ڪئي ويندي ان جو هي ڪمپني ڪهڙو حشر ڪندي.مال متاع لئه جيڪي گئوچر آهن اهي سڀاڻي نه رهندا.
اينگرو ڪمپني جي ڪم شروع ڪرڻ وارن چئن سالن بعد هاڻي ٿر ۾ ٻارڙن جي موت تي فوڪس ڪيو  پيو وڃي پر ٿر جي بدلجندڙ معاشي حالتن تي ڪنهنجي نظر نٿي پوي.
هي وقت آهي ته وفاقي ۽ سنڌ سرڪار گڏجي ويهن ۽ ٿر لئه ڪو وڏي مدي وارا ڪي ترقياتي منصوبا سوچين.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter