سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

واٽس ايپ جو باني جين ڪوم يوڪرين جي غربت کان آمريڪا جي ارب پتي تائين جو ڪامياب سفر


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/22/2018


واٽس ايپ جو باني جين ڪوم
يوڪرين جي غربت کان آمريڪا جي ارب پتي تائين جو ڪامياب سفر
نثار کوکر
ذاتي زندگي جون ڪي محروميون ماڻهن کي ايترو ته جستجو ۾ جنبي ڇيڏنديون آهن جو بظاهر ڪاميابي به ان اڳيان ننڍي حاصلات معلوم ٿيندي آهي.شايد ان احساس تحت ئي واٽس ايپ جي ڪو فائونڊر جين ڪوم کي هاڻي جڏهن ماڻهون انٽرپرينيئر يا ڪاروباري ذهن وارو ماڻهون سڏين ٿا هن کي چڙ وٺي ٿي ۽ چوي ٿو مان ڌنڌوڙي ناهيان صرف پئسا ڪمائڻ منهنجي اوليت ناهي.مونکي ڪو انٽرپرينيئر چوندو آهي ته مان پنهنجي باڊي گارڊ کي چئي سندس منهن ۾ ٺونشو هڻڻ جي خواهش ڪندو آهيان.ڇو ته مان چاهيان ٿو ته صرف ماڻهن جي ڀلائي يا سهولت لاء ڪا شئي ايجاد ڪجي.زندگي ۾ آسانيون پئدا ڪجن.
جين ڪوم ڪو معمولي ماڻهون نه پر وڏو ذهين سافٽ ويئر انجنيئر آهي جنهن پنهنجي ايجاد وسيلي ايتري دولت ڪمائي آهي جو دنيا جي امير ترين ماڻهن جو حساب ڪتاب رکندڙ آمريڪي مئگزين فوربس جي 2014 واري شماري ۾ جين ڪوم جو نالو  دنيا جي 400 امير ترين ماڻهن واري لسٽ ۾ 62 نمبر تي هو.
جين ڪوم جو مختصر تعارف اهو آهي ته هو 24 فيبروري 1976 ۾ يوڪرين جي هڪ غريب ڳوٺ ۾ پئدا ٿيو جتي سندس والد تعميراتي ڪمپني جو مئنيجر هو ۽ ماء گهريلو خاتون هئي.مٿن يهودي هئڻ جو الزام هو تنهنڪري سدائين عذاب ۾ رهيا.
جين ڪوم ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والده سميت آمريڪا هليو آيو ۽ سندن والد يوڪرين ۾ ئي رهجي ويو.آمريڪا ۾ سندن زندگي انتهائي غربت واري گذرندي هئي.سندس والده گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ هو پاڻ هڪ اسٽور ۾ صفائي جو ڪم  ڪندو هو.کين ٻن ڪمرن وارو خيراتي سرڪاري  فليٽ مليل هو جتي کين سماجي ڀلائي کاتي پاران فوڊ اسٽيمپس يا کاڌي جي ٽوڪن ذريعي کاڌ خوراڪ ملندي هئي.پنهنجي پئسن سان وٽن کائڻ لئه ڪجهه ڪو نه هوندو هو.هن جوز اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي پر ارڙنهن سالن کان اڳ ئي پڙهائي ڇڏي نوڪرين جي تلاش ۾ لڳي ويو.کيس 1997 ۾ ياهو ڪمپني  ۾ انفراسترڪچر انجنيئر جي نوڪري ملي جتي سندس ملاقات برائن ايڪٽ سان ٿي جنهن سان گڏجي کيس اڳتي هلي واٽس ايپ ايجاد ڪرڻو هيو.
انهن غربت وارن سالن ۾ جين ڪوم جي وڏي خواهش هوندي هئي ته يوڪرين ۾ پنهنجي پي سان ڳالهائي يا کيس ڏسي سگهي پر شديد غربت سبب هو آمريڪا رهندي به ائين نه ڪري سگهيا ۽ نيٺ 1997 ۾ سندس والد گذاري ويو.شايد ان احساس تحت ئي هن واٽس ايپ ايجاد ڪئي ته ڪو پنهنجن کان پري نه هجي.هن واٽس ايپ کي فري ڪرڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو.
انهن ئي ڏينهن ۾ هو پنهنجي ماء سميت سخت محنت ڪندو هو ته جيئن جياپي جي جنگ وڙهي سگهن.پر سندس ماء کي ڪينسر ٿي پيو ۽ هن 2000 ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ياهو واري نوڪري ڇڌڻ کانپوء ٻنهي انجنيئرن پوري هڪ سال جي موڪل ڪئي ۽ سائوٿ آفريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جو سير ڪيو.واپس آمريڪا پهچي هنن فيس بڪ ڪمپني ۾ نوڪري لاء اپلاء ڪيو پر کين نوڪري نه ملي.جنهن بعد هنن پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏنو ۽ فيبروري 2009 ۾ واٽس ايپ تيار ڪيائنون.جنهن جي تجرباتي ڪال ۽ ميسيجز برائن ايڪٽ جي ڪچن ۾ ويهي هنن هڪٻئي کي ڪيا.
ڏسندي ڏسندي سندن ايجاد  واٽس ايپ ايتري ته ڪامياب ٿي جو فيس بڪ وارن ساڻن رابطو ڪيو جيڪي ڪجهه سال اڳ کين نوڪري کان جواب ڏئي رهيا هئا.ٻن سالن جي لاڳاتار ڳالهين بعد 19 فيبروري 2014 ۾ فيس بڪ وارن سان 19 بلين ڊالرن ۾  واٽس ايپ وڪڻڻ جو سودو طئه ڪيو ويو.جنهن مان کيس 4 بلين ڪيش ۾ مليا جڏهن ته باقي رقم جو فيس بڪ ڪمپني ۾ شيئر رکيو ويو.
واٽس ايپ وڪڻڻ واري معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب پڻ انوکي هئي.هن فيس بڪ وارن کي چيو ته ان خيراتي اداري واري آفيس اچن جتي هو غربت وارن ڏينهن ۾ کاڌي جا ٽوڪن وٺي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو هو.فيس بڪ وارا جڏهن اتي پهتا ته جين ڪوم پنهنجي دوستن سميت ان ساڳي قطار ۾ بيٺو هو جتي هو غربت سبب اچي کاڌي جي انتظار ۾ بيهندو هو.
يوڪرين جي غربت کان آمريڪا جي امير ترين ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ واري سفر ۾ جين ڪوم کي پنهنجي ذهانت ۽ سافٽ ويئر انجيئرنگ ۾ سندس مهارت سبب ڪاميابيون ئي ڪاميابيون مليون.ڪلهه تائين جيڪو نوجوان خيراتي ماني تي گذارو ڪندو هو هاڻي ان جي باري ۾ سمورا آمريڪي بحث ڪن ٿا ته هو شادي ڇو نٿو ڪري،سندس يوڪرين جي ماڊل سان عشق آهي يا نه يا هو گي آهي.
سائنسي ايجادات تي ڪم ڪرڻ سبب هاڻي هو آمريڪا جو ئي نه پر دنيا جو امير ترين ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter