سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ٿرڪول واري ڪمپني جا ترجمان تبديل ٿيندا يا ساڳيا رهندا.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/22/2018


ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ اينگرو ڪمپني جڏهن ٿر ۾ پنهنجا آپريشن شروع ڪيا ته لاهوتي سميت سمورا سنڌواسي ڏاڍو خوش ٿيا هئاسين.خوشي جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته  ان ڪمپني جي سربراهه کان ويندي وڏن عهدن تي پنهنجا ناميارا سنڌي  ويٺل هئا.شمس شيخ ته اينگرو جو سربراهه ٿي آيو پر هن ليکڪ نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر سميت جيڪا ٽيم پاڻ سان گڏ آندي ان قصي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.ٿرين ته ابتدائي ڏينهن ۾ انهن جون مزمانيون ڪيون کين ڀٽن پاسي وٺي جهڻ سان ماني به کارائي.
اينگرو ڪمپني جيئن ئي گوڙاڻو وارو مسئلو پئدا ڪري مقامي ٿرين لئه هڪ نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني ثابت ٿي ته لاهوتي سميت سڀني ماڻهن شڪ شبها ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ جلسا جلوس شروع ٿي ويا.ليکڪ اديب ڪراچي حيدرآباد کان هلي اچي گوڙاڻو تي مظاهرا ڪرڻ لڳا پر ڪمپني ۾ ويٺل اديبن ليکڪن  ان ڏکي گهڙي ۾ مقامي ماڻهن بدران ڪمپني جو ساٿ ڏنو.
اينگرو جو ترجمان ته محسن ٻٻر هيو پر حيدرآباد جي ادبي ميلي ۾ نصير ميمڻ جهڙي ماڻهون کي ڪمپني جو دفاع ڪندي ڏسي سمورا ماڻهون حيران ٿي ويا ۽ ڪجهه چرين ٿرين ته سندس سيشن جو بائيڪاٽ به ڪيو.نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر  پنهنجي محسن شمس شيخ جي ٽيم جو حصو هئا.جنهن تازوئي استعفي ڏئي اهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٿرين سان انانصافي ڪري رهي آهي جيڪا مان نٿو ڏسي سگهان .مان ٿرين سان گڏ بيٺو آهيان..
شمس شيخ جو اهو بيان پڙهي لاهوتي کي ڪمپني ۾ باقي بچيل ليکڪن نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر جو خيال آيو ته هاڻي اهي پنهنجي اڳوڻي ٽيم ليڊر شمس شيخ جي بيان يعني ٿرين سان گڏ آهن يا اڃان به ڪمپني سرڪار جا ترجمان بڻيل آهن.اهو معاملو چون ٿا ايندر جون تائين ائين ئي رهندو جنهن بعد شايد ڪمپني پنهنجا ترجمان تبديل ڪري.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter