سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نصيرالدين شاه غدار ڪيئن ٿيو.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/23/2018


ويب ڊيسڪ
بالي ووڊ جي اداڪار نصيرالدين شاه جي هڪ انٽرويو سبب هندو انتهاپسندن کيس ملڪ جو غدار قرار ڏنو آهي.سندس انٽرويو تي پئدا ٿيل اختلافن کي نظر ۾ رکندي نصيرالدين شاه چيو آهي ته کيس پنهنجي ملڪ بابت ڳڻتي آهي ۽ ان ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ تي هو غدار ڪيئن ٿيو.؟
نصيرالدين شاه هڪ وڊيو انٽرويو ۾ چيو هو ته کيس ملڪ جي هاڻوڪي حالتن کي ڏسي ڏک ٿئي ٿو جڏهن ڳئون محفوظ ۽ پوليس وارا زنده ساڙيا پيا وڃن.هڪ ڳئون مذهبي اقليتن کان به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي.هن چيو ته مونکي پنهنجي ٻارن جو فڪر هوندو آهي ته ڇو ته انهن جو ڪو به مذهب ناهي پر سڀاڻي ڪنهن هجوم اچي سندن اڳ ورتو ۽ پڇيو ته توهان هندو آهيو يا مسلمان ته هو ڇا چوندا.؟
سندس اهڙي انٽرويو تي فلمي توڙي سياسي حلقن ۾ مٿس تنقيد شروع ٿي وئي آهي .نامياري اداڪار انوپم خير  چيو آهي ته هن ملڪ ۾ ماڻهن کي اڃان ڪيتري آزادي کپي.هو فوج مٿان تنقيد ڪري سگهن ٿا، ائر چيف کي برو ڀلو چئي سگهن ٿا ۽ سپاهين مٿان پٿراء به ڪري سگهن ٿا پوء به اڃان ماڻهن کي ڪيتري آزادي کپي.؟
نصيرالدين شاه جي انٽرويو بعد سندس اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾ رکيل سيشن ڪينسل ڪيو ويو ڇو ته ان جڳهه تي ڪجهه ماڻهن اچي احتجاج ڪيو.اتر پرديش جي نوينرام سينا پارٽي جي سربراهه اميت جاني چيو آهي ته سندس پارٽي نصيرالدين شاه لئه 14 آگسٽ تي پاڪستان وڃڻ واري ٽڪيٽ بڪ ڪرائي آهي.
نصيرالدين شاه مٿان هندستان ۾ شديد تنقيد ٿي رهي آهي ان صورتحال ۾ سندس حق ۾ ٻيو ته ڪير نه پر سندس ڀاء ليفٽينٽ جنرل ريٽائرڊ ضميرالدين شاه بيان ڏنو آهي ته هو نصيرالدين شاه جي بيان سان اتفاق ڪري ٿو ۽ کيس ملڪ جي هاڻوڪين حالتن تي ڳڻتي آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter