12/23/2018
ويب ڊيسڪ
اطلاعات واري وفاقي وزير فواد احمد چوڌري چيو آهي ته نواز ۽ زرداري جي گڏجڻ سان پي ٽي آئي حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو.ان سان حڪومت لئه ويتر آساني پئدا ٿيندي ته ٻنهي کي ساڳئي وقت منهن ڏئي سگهبو.هن چيو ته اهي ٻئي ٺڳس آف پاڪستان آهن.هن چيو ته جيئن انڊين فلم ٺڳس آف هندستان فلاپ وئي آهي ان کان به وڌيڪ هي ٺڳس آف پاڪستان فلاپ ويندا.
فواد احمد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه دهرائي ته پاڪستاني سياست ۾ هاڻي نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جا سياسي ڪيرئير ختم آهن.هن چيو ته 1985 کان شروع ٿيل فلم جو هي آخري حصو آهي.
هن چيو ته نواز شريف جا ٻار ان وقت بلينئير ٿي ويا جڏهن انهن جي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي به عمر نه هئي ته ايترا پئسا انهن وٽ ڪٿان آيا.هن چيو ته العزيزه ۽ فليگ شپ ڪيس ۾ نواز شريف بابت نيب عدالت سومر ڏينهن فيصلو ڏيندي.سڀني جون اکيون ان فيصلي تي کتل آهن.فواد چوڌري چيو ته ڪيس ته سڌو آهي ته ايتري دولت انهن شريفن وٽ آئي ڪٿان جو هنن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ تمام مهانگيون جائدادون خريد ڪيون.
هن چيو ته نيب عدالت کي نوازشريف خلاف ڪيس هلائيندي 15 مهينا ٿيا آهن.هاڻي ڏسجي ته فيصلو ڪهڙو اچي ٿو.