سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

صنم ڀٽو سياست ۾ ڪو نه پئي اچي.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/24/2018


لاهوتين مٿان ته ماڻهن جون ٻارهوئي  ميارون هونديون آهن ته لاهوتي چمڪي تي بندوق پيا هلائين.تازوئي سائين نصير ميمڻ اينگرو واري پڻ اهڙو تبرو ڪيو آهي پر مونکي لڳي ٿو  ته ڪڏهن ڪڏهن سمورا صحافتي ادار لاهوتي ٿي ويندا آهن.مون قرآن جي پڙهيل جي ڳالهه تي اگر اعتبار نه اچيو ته ٻيلي صنم ڀٽو جي بلاول سان آيل تازي تصوير تي ٿيل تبصرا پڙهي ڏسو.
جنهنکي ڏس سو چوندو وتي آصف زرداري کي گرفتار ڪندا سو بلاول صنم کي گهرائي ورتو آهي.هاڻي پڇو ان خلق کان ته صنم ڀٽو اڳم ڪهڙيون سياسي  تحريڪون هلايون آهن.جڏهن سندس والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر ڦاهي ڏني،جڏهن سندس پيارو ڀاء شاهنواز پئرس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو يا جڏهن سندس وڻندڙ ڀاء مرتضي کي سندس ئي ڀيڻ جي حڪومت دوران شهيد ڪيو ويو ته ان وقت صنم ڪهڙي تحريڪ هلائي هئي يا سندس ذهين ڀيڻ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ڪهڙن جلوسن جي اڳواڻي صنم ڪئي هئي جو هاڻي اچي زرداري جي جيل خاطر صنم جلوس ڪڍندي.
عجيب ڳالهه آهي ته اهي ماڻهون به صنم جي سياست واري آپشن تي ڳالهائين پيا جن کي خبر ئي ناهي ته صنم سياست کان سخت نفرت ڪندي آهي.صنم جو سياست سان صرف ايترو تعلق آهي جيترو آصف زرداري جو آرٽ ۽ ميوزڪ سان.ڇو ته صنم ميوزڪ شاعري ۽ آرت سان تمام گهڻو پيار ڪندي آهي شايد تڏهن ئي هن پنهنجي نياڻي کي سياستدان نه پر آرٽسٽ بڻايو.
صنم ڀٽو پنهنجي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندي آهي.تنهنڪري هو سدائين سندن سڏ ۾ سڏ ڏيندي آهي. پنهنجي آرٽسٽ نياڻي آزادي جي شادي تي هن صرف بينظير جي ٻارن کي گهرايو هو.سندس زمينن جي حصي تي جڏهن غنوي ڀٽو جي ماڻهن قبضو ڪيو هو ته صنم اچي نئون ديرو هائوس تي شازيه مري سان گڏ پنهنجي ڀاڄائي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي.حالانڪ ڳالهه اها هلي هئي ته ڪلفٽن ۾ سندس خالي پيل پلاٽ تي زرداري جي ماڻهن قبضو ڪيو هو پر بعد ۾ ان پلاٽ جو قبضو کيس واپس ملي ويو هو.
صنم پنهنجي ڀيڻ جي ورسي تي آيل آهي.اگر زرداري کي بچائڻ واري سياست تي آيل هجي ها ته بلاول بدران توهان سندس فوٽو زرداري يا فريال سان گڏ ڏسو ها.نشا ته لاهوتين کي هوندا آهن توهانکي ڇا ٿيو آهي توهان ته ڪجهه هوش کان ڪم وٺو يارو..

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter