سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نواز شريف کي سزا ملڻ بعد مريم نواز ٻيهر سرگرم


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/24/2018


ويب ڊيسڪ
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل واري ڪرپشن ڪيس ۾ ست سال قيد جي سزا ڏني آهي پر ٻئي فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ کيس بري ڪيو ويو آهي.عدالت مٿس 1.5 بلين روپين جو ڏنڊ پڻ مڙهيو آهي.ان سنا گڏ ڪو به حڪومتي عهدو رکڻ تي پڻ ڏهه سال پابندي لڳائي وئي اٿس.
نواز شريف کي احتساب عدالت جي فيصلي بعد حراست ۾ وٺي اڊيالا جيل موڪليو ويو .سندس وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته کيس لاهور جي ڪوت لکپت جيل موڪليو وڃي.جنهن تي عدلات فيصلو ڏنو ته نواز شريف کي هڪ ڏينهن اڊيالا جيل موڪليو اڱاري ڏينهن کيس ذاتي بليت پروف گاڏي ۾ ڪوٽ لکپت جيل لاهور موڪليو وڃي.
نواز شريف کي العزيزيه ڪيس ۾ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا اچڻ بعد سندس نياڻي مريم نواز ٻيهر سوشل ميڊيا تي سرگرام ٿي وئي آهي.مريم پنجن مهينن بعد پهريون وري پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ کي سرگرم ڪيو آهي.هن پنهنجي والد نواز شريف کي مليل سزا کانپوء لاڳيتو ٽوئيٽ ڪيا آهن جن مان هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو اٿس ته ، هڪ ئي شخص کي چوٿون ڀيرو سزا،انڌي انتقام جي آخري هڏڪي،مگر فتح نواز شريف جي،الله جو شڪر آهي.اڍائي سالن جي طويل انتقام نما احتساب بعد. ٽي نسل ڇنڊڻ بعد هڪ پائي جي ڪرپشن نه ڪڪ بيڪ نه ڪميشڻ نه سرڪاري خزاني ۾ رتي برابر خيانت.
مريم پنهنجي ٻئي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته جيترا به فيصلا آيا هن جي مرحوم والد صاحب جي ذاتي ڪاروبار جي حوالي سان آيا.انهن مان به ڪجهه نه مليو ته مفروضن تي سزائون ڏنيون ويون..اڃ جو فيصلو نواز زشريف جي جي امانت،صداقت ۽ ديانت مٿان هڪ ٻي مهر آهي.
مريم نواز ٽئين ٽُوئيٽ ۾ لکيو آهي ته فيصلا انشاء الله جلد ختم ٿي ويندا،باقي جيڪو رهندو سو آهي سا آهي نواز شريف جي سچائي،اڃان چوٿين ٽوئيٽ ۾ مريم لکيو آهي ته حڪومتون پنهنجي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي هلنديون آهن سياسي مخالفن کي نشانو بنائڻ تي حڪومتون نه هلنديون آهن.اها حڪومت جي ڪمزوري جي دليل آهي.نواز شريف انشاء الله جلد مضبوط ٿي واپس ايندو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter